21 جمعو , سيپٽمبر 2018

آءِ ايس آءِ دنيا جي بهترين انٽيليجنس ايجنسي آهي: وزيراعظم

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته آءِ ايس آءِ اسان جي پهرين بچاءَ واري لائن آهي، آءِ ايس آءِ دنيا جي بهترين انٽيليجنس ايجنسي آهي. آءِ ايس پي آر موجب وزيراعظم عمران خان آءِ ايس پي آر هيڊ ڪوارٽرز جو دورو ڪيو، جتي آرمي چيف ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ سندس آڌرڀاءُ ڪيو، جڏهن ته عمران خان شهيدن جي يادگار تي گل نڇاور ڪيا. ان موقعي تي وزيراعظم کي قومي سلامتي تي بريفنگ ڏني وئي، عمران خان قومي سلامتي لاءِ آءِ ايس آءِ جي خدمتن کي ساراهيو. سندس چوڻ هو ته آءِ ايس آءِ دنيا جي بهترين انٽيليجنس ايجنسين ۾ شمار ٿيندي آهي، آءِ ايس آءِ اسان جي پهرين بچاءَ واري لائن آهي. وزيراعظم چيو ته حڪومت توڙي عوام هٿياربند فوجن ۽ انٽيليجنس ايجنسي سان گڏ آهي ۽ ادارن جي بي مثال قربانين کي تسليم ڪري ٿو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

اڊيالا جيل ۾ حنيف عباسي جي تصوير واري معاملي جي جاچ شروع

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) اڊيالا جيل ۾ نواز شريف ۽ حنيف عباسي جي تصوير …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے