20 خميس , سيپٽمبر 2018

آءِ ٽي وزارت جي بجلي چوري جي روڪٿام لاءِ ٽيڪنالاجي ٺاهڻ جي دعويٰ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزارت بجلي چوري جي روڪٿام لاءِ ٽيڪنالاجي ٺاهڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. سينيٽ جي آءِ ٽي بابت اسٽيڊنگ ڪميٽي جو اجلاس روبينا خالد جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ آءِ ٽي وزارت جي اختيارين بجلي چوري جي روڪٿام لاءِ ٽيڪنالاجي ٺاهڻ جي دعويٰ ڪندي ٻڌايو ته اها ٽيڪنالاجي ”آرٽيفيشل انٽيليجنس“ جي مدد سان ڪم ڪندي. اختيارين ٻڌايو ته اها ٽيڪانالاجي يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي (يو اي ٽي) پشاور جو پروفيسر ڊاڪٽر گل محمد آندي آهي، جنهن کي آءِ ٽي وزارت جي ذيلي اداري ”اگنايت“ سهولت فراهم ڪئي. اختيارين جو چوڻ هو ته ان ٽيڪنالاجي سان 90 سيڪڙو لائن لاسز ۽ بجلي چوري جي روڪٿام ڪري سگهجي ٿي، جڏهن ته ان ٽيڪنالاجي سان واهيپدارن کي پي ٽي سي ايل وانگر بلنگ ڪئي ويندي آهي، ان ٽيڪنالاجي جو تجربو ايم اي ايس پشاور ۽ ايم اي ايس راولپنڊي ۾ ڪيو ويو، جنهن سان هڪ سال ۾ 35 سيڪڙو بجلي چوري روڪي وئي. اختيارين جو چوڻ هو ته اها ٽيڪنالاجي سمارٽ ميٽرز ۽ سمارٽ گرڊ کان بهتر آهي، نئين حڪومت ان کي توانائي واري وزارت حوالي ڪري ته فائدو ٿيندو. اسٽيڊنگ ڪميٽي جا ڪيترائي ميمبر ان نئين ٽيڪنالاجي جو ٻڌي حيران ٿي ويا ۽ ڪميٽي ايندڙ اجلاس ۾ تفصيلي بريفنگ گهري ورتي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

اهو تاثر درست ناهي ته ججن دٻاءَ ۾ فيصلو ٻڌايو: اعتزاز احسن

لاهور (ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي سينيئر قانونداد اعتزاز احسن چيو آهي اهو تاثر نٿو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے