21 جمعو , سيپٽمبر 2018

نيوز |ميرپور ماٿيلو: ايس ايس پي پاران محرم ۾ سيڪيورٽي سخت ڪرڻ جي هدايت

ميرپور ماٿيلي ۾ ايس ايس پي گهوٽڪي گڏجاڻيون ڪوٺائي محرم الحرام دوران امان جي صورتحال ۽ ٻين معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون.

ايس ايس پي گهوٽڪي اسد اعجاز ملهي مخلتف امام بارگاهن جي اڳواڻن سان گڏجاڻيون ڪري پوليس سان سهڪار ۽ امن امان جي صورتحال بهتر رکڻ لاءِ ڳالهيون ڪيون.

ايس ايس پي چيو ته محرم الحرام دوران 3 هزار اهلڪار مقرر هوندا، جن ۾ 6 ڊي ايس پيز، 20 ايس ايڇ اوز ۽ هڪ سئو اي ايس آءِ ۽ انسپيڪٽر پڻ شامل هوندا.

هوڏانهن ضلعي گهوٽڪي ۾ 10 محرم تائين ڪُل 5 سئو 96 مجلسون ٿينديون، ۽ 85 جلوس ڪڍيا ويندا، جڏهن ته ڏهين محرم واري ڏينهن 55 جلوس نڪرندا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

FlagMarch, Jamshoro

نيوز | ڄامشورو: محرام الحرام ۾ امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ لاءِ فليگ مارچ

ڄامشوري ۾ محرام الحرام ۾ امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ لاءِ فليگ مارچ ڪيو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے