24 سومر , سيپٽمبر 2018

نيوز |ڪنب: اسڪول تي بااثر وڏيري جي قبضي خلاف سماجي اڳواڻ پاران احتجاج

ڪنب ڀرسان اسڪول تي بااثر وڏيري جي قبضي خلاف سماجي اڳواڻ پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ڳوٺ صدورو خان شنباڻي ۾ پرائمري اسڪول تي بااثر جي قبضي خلاف اسڪول آڏو سماجي اڳواڻ شرف الدين تمراڻي احتجاج ڪيو.

سماجي اڳواڻ جو چوڻ هو ته ڊگهي عرصي کان اسڪول بند پيل آهي، بااثر وڏيري اسڪول تي قبضو ڪري چوپائي مال جو وٿاڻ ٺاهي ڇڏيو آهي، ڳوٺاڻا بااثر جي خوف کان ماٺ آهن.

هن چيو ته اسڪول تي قبضي سبب ٻارڙن جو مستقبل داءَ تي لڳل آهي۽ استاد گهر ويٺي پگهار کڻي رهيا آهن، پر اڃاتائين تعليم کاتي پاران ڪو به قدم ناهي کنيو ويو،

سندس چوڻ هو ته تعليمي ايمرجنسي جو نتيجو اهو نڪتو آهي جو ڊگهي عرصي کان اسڪول تان بااثر وڏيري جو قبضو به ختم ناهي ٿي سگهيو.

سماجي اڳواڻ تعليم کاتي جي وزير کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي اسڪول تان قبضو ختم ڪرائي تعليم لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪري.

هي به ڏسي سگهو ٿا

HayatPitafi

نيوز | حيات پتافي: ڳوٺ ڪمان خان ۾ رٿا اڌ ۾ ڇڏي ويل ٺيڪيدار خلاف احتجاج

حيات پتافي ويجهو قديمي ڳوٺ ڪمال خان مشوري ۾ فرش بندي لاءِ آيل 50لک  جي  …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے