25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

بحريا ٽائون ڪيس: زمين جي الاٽمينٽ غيرقانوني نڪتي تي سڄو ڍانچو ڪِري پوندو: چيف جسٽس

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس ميان ثاقب نثار ريمارڪس ڏنا آهن ته جيڪڏهن عدالت ان نتيجي تي پهتي ته بحريا ٽائون ڪراچي جي زمين جي الاٽمينٽ غير قانوني هئي ته ان منصوبي جو سڄو ڍانچو ڪِري پوندو. چيف جسٽس جي سربراهي ۾ 5 رڪني لارجر بئنچ بحريا ٽائون نظرثاني ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي جي شروعات ۾ چيف جسٽس ميان ثاقب نثار ريمارڪس ڏنا ته سنڌ حڪومت عدالتي فيصلي سان متاثر ڪئين ٿي سگهي ٿي. بحريا ٽائون جي وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته عدالتي فيصلي جو ملبو زمين الاٽ ڪندڙ آفيسرن تي ڪِرندو، جنهن تي چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته جنهن غلط ڪم ڪيو آهي، اهو ڀوڳيندو. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته نظرثاني جي ڪيس ۾ اختيار جو دائرو محدود هوندو آهي، جنهن تي فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته هو عدالتي فيصلي جي هر پيراگراف ۾ غلطين جي نشاندهي ڪندا. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته ملير ڊولمپمينٽ اٿارٽي (ايم ڊي اي) جيڪا ايراضي الاٽ ڪئي، اها انهن جي ماتحته زمين جي هئي پر بحريا ٽائون ايم ڊي اي کي زمين ڏني، اها ان جي ڪنٽرول ايريا ۾ نٿي اچي. وڪيل علي ظفر عدالت کي ٻڌايو ته بحريا ٽائون وٽ ڪل 12 هزار ايڪ سئو ايڪڙ زمين آهي ۽ اها زمين سنڌ بورڊ آف روينيو ايم ڊي اي کي الاٽ ڪئي هئي، جنهن جي ڏي وٺ انهن بحريا ٽائون سان ڪئي. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن عدالت ان نتيجي تي پهتي ته زمين جي ڏي وٺ بدنيتي سان ٿي ته سمورو ڍانچو ڪِري پوندو، بحريا ٽائون وٽ ايم ڊي اي جي زمين غير قانوني آهي، جيڪا واپس ان وٽ ئي وڃڻي آهي ۽ ان ايراضي جي قيمت به عدالت مقرر ڪندي. هن چيو عدالت جيڪا قيمت مقرر ڪندي، بحريا ٽائون کي اها قيمت ئي ايم ڊي اي کي ادا ڪرڻي پوندي، جنهن تي اعتزاز احسن چيو ته قيمت مقرر ڪرڻ وقت ڏٺو وڃي ته ايراضي جي قيمت بحريا ٽائون سبب وڌي آهي. چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته ايم ڊي اي ڪهڙن اختيارن تحت ايراضي بحريا ٽائون کي ڏني، جنهن تي کيس ٻڌايو ويو ته ڪلونائزيشن آف لينڊ ايڪٽ تحت اها ايراضي بحريا ٽائون کي ڏني وئي. ان موقعي تي جسٽس آصف سعيد کوسا ريمارڪس ڏنا ته ان ايڪٽ تي نه وڃو وڌيڪ ڦاسي ويندئو، ڇو ته ان ايڪٽ تحت نه ملڪيت ڏئي سگهجي ٿي ۽ نه ايراضي منتقل ٿي سگهي ٿي. چيف جسٽس ميان ثاقب نثار ريمارڪس ڏنا ته ڪنهن کي به سرڪاري وسيلا ڦُرڻ جي اجازت نه ڏينداسين، ايترو پئسو کاڌو وڃي جيڪو هضم ٿي سگهي. جسٽس آصف سعيد کوسا ريمارڪس ڏنا ته غير قانونيت غير قانونيت ئي هوندي آهي، رڳو پارليامينٽ ئي قانون سازي ڪري غير قانوني قدمن کي قانوني قرار ڏئي سگهي ٿي. اعتزاز احسن عدالت ۾ پنهنجا دليل ڏيندي چيو ته جيڪڏهن بحريا ٽائون ڪراچي ايم ڊي ڊي اي کي ڏنو ويو ته ان جون قيمتون ڪِري پونديون. چيف جسٽس چيو بحريا ٽائون طرفان ايم ڊي اي کي ملندڙ رقم سنڌ حڪومت وٽ ويندي ۽ پوءِ حڪومت چاهي ته ٻيهر ايراضي بحريا ٽائون کي ڏئي ڇڏي، ان تي عدالت کي اعتراض نه هوندو. عدالت بحريا ٽائون جي علي ظفر کان جواب طلب ڪيو ته ٻڌايو وڃي ڇا بحريا ٽائون ايراضي سنڌ حڪومت کي واپس ڪندو يا وري جيڪا رقم عدالت مقرر ڪندي، اها ادا ڪئي ويندي. سپريم ڪورٽ لارجر بئنچ بحريا ٽائون نظرثاني ڪيس جي ٻڌڻي پهرين آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

Karachi: Feudal locked school and captured its land

اصغر خان عملدرآمد ڪيس: سپريم ڪورٽ بند ڪمري ۾ بريفنگ جي اجازت ڏئي ڇڏي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ ايف آءِ اي کي اصغر خان عملدرآمد …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے