26 اربع , سيپٽمبر 2018

نيوز |ڄامشورو: سيوا پاران جائز مطالبن جي مڃتا لاءِ ريلي ڪڍي وئي

سنڌ يونيورسٽي جي ملازمن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪري ريلي ڪڍي وئي

سيوا جي سڏ ملازمن پنڌرهين ڏينهن به زيرو پوائنٽ سينٽرل لائبريري کان ريلي ڪڍي وئي جيڪا ڪيمسٽري, ڪمپيوٽر سائنس, فزڪس, آءِ ٽي ۽ ٻين شعبن کان ٿيندي وائيس چانسلر بلڊنگ اي سي ٽو اڳيان پهتي جتي سوين ملازم ڌرڻو هڻي ويهي رهيا

ان موقعي تي سيوا جي صدر ۽ سنڌ جي جملي يونيورسٽين جي ملازمن جي فيڊريشن جي چيئرمين غلام نبي ڀلائي, سرائي اسحاق ڳن ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته انتظاميه يونيورسٽي کي سموريون زندگيون ارپيندڙ رٽائرڊ ملازمن جي خوابن جي قاتل آھي جن پنهنجي پيٽ تي پٿر رکي اولاد کي اعلي ڊگريون وٺي ڏنيون اهي اڄ در بدري واري زندگي گذاري رهيا آھن

هنن چيو ته ٻين ملازمن کي نوڪريون ڪندي 35 سال ٿي چڪا آھن پر انهن جون ترقيون رڪيل آھن ۽ ھاڻ رٽائرمينٽ تي اچي پهتا آھن

هنن اعليٰ اختيارين کان گهر ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي سندن جائز مطالبن کي تسليم ڪيو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Khairpur: Protest by stp against building kalabagh dam

نيوز: خيرپور: ايس ٽي پي جي سڏ تي ٻئي ڏينهن به ڪالاباغ ڊئم خلاف  ٻئي ڏينهن بھ احتجاج

* خيرپور ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي سڏ تي اڄ ٻئي ڏينهن به  …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے