20 خميس , سيپٽمبر 2018

نيوز |ٺٽو: نياڻين جي پرائمري اسڪولن جي مرمت نه ٿيڻ ڪري تعليم سخت متاثر

ٺٽي ۾ ٻن پرائمري اسڪولن جو مرمتي ڪم مڪمل نه ٿيڻ سبب شاگردن ۽ شاگردياڻين جي تعليم متاثر ٿيڻ لڳي آهي.

وينجهر پاڙي جي نياڻين جي پرائمري اسڪول جو 2010کان شروع ٿيل مرمتي ڪم مڪمل نه ٿي سگهيو، اسڪول ۾ داخل ساڍا ٽي سئو شاگردياڻيون ڪلاس رومن جي کوٽ سبب کُلي آسمان هيٺ تعليم پرائڻ تي مجبور بڻيل آهن.

هوڏانهن رضوي پاڙي جي پرائمري اسڪول ۾ پڙهندڙ 4 سئو کان وڌيڪ شاگرد ۽ شاگردياڻيون ڪلاس رومن جي کوٽ سبب کلي آسمان ۽ ڪلاس رومن جي ڀتين ڀرسان تعليم پرائڻ تي مجبور بڻيل آهن.

ڄاڻايل اسڪولن جي ڪلاس رومن جي مرمت سميت ٻين بنيادي سهولتن لاءِ ضلعي انتظاميه، تعليم کاتي سميت سمورن اعليٰ اختيارين کي آگاهي ڏيڻ باوجود اڃان تائين اپاءَ نه ورتا ويا.

اسڪولن جو مرمتي ڪم نه ٿيڻ ڪري عمارتون تباھ حالي جا منظر ڏئي رهيون آهن.

هوڏانهن تعليم لاءِ جاکوڙيندڙ سڄاڻ ڌرين ڳڻتي جو اظهار ڪندي اسڪولن جي مرمت وارو ڪم مڪمل ڪري ڪلاس رومن سان گڏ ٻيون سهولتون مهيا ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ShareefFamily, BilawalBhuttoZardari, Khipro

رات يارهين وڳي وارو نيوز بليٽن / 2018-09-19

*بلاول ڀٽو زرداري شريف ڪٽنب جي آزادي کي رليف قرار ڏئي ڇڏيو *اهو تاثر نٿو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے