19 اربع , سيپٽمبر 2018

نيوز |قمبر: محرم ۾ سيڪيورٽي لاءِ بلوچستان جي سرحد تي سي سي ٽي وي لڳايون ويون

قمبر ۾ محرم بابت پريس ڪانفرنس ڪندي پوليس آفيسرن چيو آهي ته بلوچستان جي سرحد تي سي سي ٽي وي ڪيمرا لڳائي ايندڙ ويندڙ ماڻهن جي تلاشي ورتي پئي وڃي.

ايس ايس پي آفيس ۾ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو جاويد اڪبر رياض ۽ ايس ايس پي ذوالفقار مهر چيو ته ضلعي جي سمورن تعلقن ۾ فليگ مارچ ڪري بلوچستان کان ايندڙ ماڻهن جي تلاشي جاري آهي، جيئن اڻوڻندڙ واقعي کان بچي سگهجي.

هنن چيو ته محرم الحرام جي حوالي سان مختلف فڪر جي ماڻهن سان گڏجاڻيون ڪيون ويون آهن، سڀني کي گهرجي ته ٻڌي ۽ ايڪي جو ثبوت ڏيون.

سندن چوڻ هو ته محرم جي ڏهاڙن دوران لاڙڪاڻي رينج ۾ 16 هزار اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن،ضلعي ۾ 32 نهايت حساس،68 حساس ۽ 91 نارمل ماتمي جلوس ۽ پِڙ هوندا.

هنن چيو ته محرم جي عاشوري دوران ضلعي اندر بم ڊسپوزل جو عمل پڻ مقرر هوندي، عاشوري دوران امن امان جي صورتحال بهتر رهندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | ڪراچي: سنڌ خلاف ٿيندڙ سازش کي گڏيل جدوجهد ذريعي ناڪام ڪبو: رياض چانڊيو

سنڌ درياهه تي ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت ۽ پرڏيهين کي سنڌ جو شھري بڻائڻ واري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے