20 خميس , سيپٽمبر 2018

پاڪستان ۽ ڀارت ۾ ننهن چوٽيءَ جو مقابلو ٿيندو: يونس خان

ڪوئيٽا (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان يونس خان چيو آهي ته ايشيا ڪپ ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جو مقابلو سخت هوندو. ڪوئيٽا ۾ صحافين سان ڳالهائيندي پاڪستان طرفان ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي ڪامياب ترين بيٽسمين يونس خان جو چوڻ هو ته آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي جي رائونڊ ميچ ۾ ڀارت، جڏهن ته فائنل ۾ پاڪستان ڪامياب رهيو، تنهن ڪري ايشيا ڪپ ۾ به روايتي مخالف ٽيمن لاءِ ڪاميابي جا موقعا ففٽي ففٽي هوندا، ٻنهي ٽيمن ۾ ننهن چوٽيءَ جو مقابلو ٿيندو. هن چيو ته جيڪا ٽيم دٻاءَ ۾ سٺي راند جو مظاهرو ڪري وئي، اها ئي ڪاميابي ماڻيندي. يونس خان چيو ته جنهن به ملڪ ۾ ليگز آيون، اتان جي ڪرڪيٽ بهتر ٿي، ڀارت ۽ بنگلاديش ان جا واضح مثال آهن، پي ايس ايل جا في الحال ڪجهه ايڊيشن ٿيا آهن پر ان باوجود بهترين رانديگر اڀريا آهن، شاداب خان، حسن علي ۽ فخر زمان جهڙو ٽئلينٽ ليگ ذريعي ئي سامهون آيو، اهو سلسلو جاري رهندو ۽ پاڪستان کي عالمي ليول جا بهترين رانديگر ملندا رهندا. اڳوڻي ڪپتان جو چوڻ هو ته اميد ته ايشيا ڪپ ۾ نوجوان رانديگر بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندا.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

The Swordswriter Zulton Abraham completed 500 goals

سوئيڊش اسٽرائيڪر زلاٽن ابراهمووچ 500 گول مڪمل ڪري ورتا

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ ) سوئيڊش اسٽرائيڪر لاٽن ابراهمووچ ڪيريئر ۾ 500 گول مڪمل ڪري ورتا، …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے