18 اڱارو , سيپٽمبر 2018

اينڊرسن ٽيسٽ ڪرڪيٽ جو ڪامياب ترين فاسٽ بالر بڻجي ويو

لنڊن (اسپورٽس نيوز) انگلش فاسٽ بالر جيمز اينڊرسن 564 وڪيٽون وٺي ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ ڪامياب ترين بالر جو اعزاز ماڻي ورتو آهي. اهڙو ڪارنامو هن ڀارت خلاف آخري ٽيسٽ ميچ دوران انجام ڏيندي اڳوڻي آسٽريلوي بالر گلين ميڪ گراٿ کي پوئتي ڇڏي ڏنو. ميڪ گراٿ ٽيسٽ ڪيريئر ۾ 563 وڪيٽون حاصل ڪيون هيون. جيمز اينڊرسن رڳو ٻن سالن جي عرصي دوران 2 سئو وڪيٽون حاصل ڪري ورتيون هيون، جڏهن ته ايندڙ ٻن سالن ۾ هن وڌيڪ 3 سئو وڪيٽون وٺي انگلينڊ طرفان ڪامياب فاسٽ بالر جو اعزاز حاصل ڪيو هو. ڀارت خلاف آخري ٽيسٽ ميچ ۾ هن محمد شامي کي آئوٽ ڪري عالمي رڪارڊ پنهنجي نالي ڪيو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

سي پي ايل: ٽرنباگو نائيٽ رائيڊرز گئانا واريئرز کي 8 وڪيٽن تان شڪست ڏئي چئمپين بڻجي وئي

تروبا (اسپورٽس نيوز) ڪيريبيئن ليگ جي 2018ع جو تاج ٽرنباگو نائيٽ رائيڊرز جي سر تي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے