23 آچر , سيپٽمبر 2018

نيوز |حيدرآباد: ڏاڏي متاري ڏاهري جي ياد ۾ ميڙاڪو ڪوٺائي ڀيٽا پيش

حيدرآباد ۾ ضياءِ جي آمريت  ۾ قيد ڪاٽيندڙ سنڌ يونيورسٽي شاگرد يونين جي اڳوڻي جنرل سيڪريٽري ڏاڏي متاري ڏاهري جي ياد ۾ ميڙاڪو ڪوٺايو ويو.

ميڙاڪي ۾ ولي محمد ڏاهري, پروفيسر امداد چانڊيو, ڏاڏو سليمان ڏاهري, ڊاڪٽر غلام نبي خشڪ ۽ ٻين ڀيٽا پيش ڪئي

تقريب کي خطاب ڪندي اڳواڻن جو چوڻ هو ته ڏاڏي متاري سياست جي شروعات جيئي سنڌ اسٽوڊنٽ فيڊريشن کان ڪئي ۽ ڪميونسٽ پارٽي سان به رهيو، جنهن پنج سال کان وڌيڪ عرصو جيل ۾ ڪاٽيو هو

هنن چيو ته ڏاڏو متارو اسان کان جسماني طور وڇڙي ويو آهي پر سندن ڏنل محبتون کين اڄ به  ياد آهن

سندن چوڻ هو ته ڏاڏا اسان کان جسماني طور ته وڇڙي ويو آهي پر روحاني طور اسان سان گڏ آهي,

هنن وڌيڪ چيو ته ڏاڏي متاري جيل ۾ به هڪ مڪمل ۽ ڀرپور زندگي گذاري ۽ سڄي زندگي سنڌ جي حقن لاءِ جدوجهد ڪئي سندس خدمتون سدائين ياد رهنديون

هي به ڏسي سگهو ٿا

NorthWaziristan7Martyred, , Thar, IGSindh, Badin, Khoski

رات يارهين وڳي وارو نيوز بليٽن / 2018-09-22

*اتر وزيرستان:فورسز جو آپريشن،9 دهشتگرد مارجي ويا، آفيسر سميت 7 اهلڪارشهيد *ٿر ۾ ڏڪاري حالتن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے