18 اڱارو , سيپٽمبر 2018

پنجاب ڪابينا ۾ شامل 12 نون وزيرن حلف کڻي ورتو

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب ڪابينا ۾ شامل 12 نون وزيرن عهدن جو حلف کڻي ورتو آهي. گورنر هائوس ۾ ٿيل حلف برداري تقريب ۾ پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار، صوبائي وزيرن ۽ ٻين اعليٰ اختيارين شرڪت ڪئي. تقريب ۾ پنجاب ڪابينا ۾ شامل 12 نون وزيرن کان گورنر چوڌري سرور حلف ورتو. نون وزيرن ۾ سعيد الحسن، مهر اسلم ڀروانا، حسين جهانيان گرديزي، محمد اجمل، محمد اخلاق، آشفا رياض، شوڪت لاليڪا، حسين وڙائچ، محمد اختر، محمد خالد، جهانزيب کچي ۽ اعجاز مسيح شامل آهن، جن جي شموليت کان پوءِ پنجاب ڪابينا ۾ وزيرن جو انگ 35 ٿي ويو آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ن ليگ معيشت تباهه ڪئي، عمران سرڪار ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيندي: مولا بخش چانڊيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ ترجمان سينيٽر مولا بخش چانڊيي چيو آهي ته عمران خان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے