25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

اسحاق ڊار خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن جو ريفرنس: ٻڌڻي 19 سيپٽمبر تائين ملتوي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن تي ضمني ريفرنس جي ٻڌڻي 19 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪئي وئي. اسلام آباد جي احتساب عدالت نمبر 1 ۾ ٻڌڻي دوران فريادي جي شاهد طارق سليم جو بيان مڪمل رڪارڊ نه ٿي سگهيو، عدالت کيس ايندڙ ٻڌڻي تي وڌيڪ دستاويزن سان گڏ طلب ڪري ورتو. فريادي جي ٻئي شاهد محسن پنهنجو بيان قلمبند ڪرايو، هن جوابدار سعيد احمد جي بئنڪ اڪائونٽ جي تفصيلن تي بيان رڪارڊ ڪرايو. وڪيل فريادي جي ٻئي شاهد محسن کان ايندڙ ٻڌڻي تي آڏي پڇا ڪندو. ريفرنس جي وڌيڪ ٻڌڻي 19 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪئي وئي، جنهن ۾ شاهد طارق سليم ۽ محسن کي ٻيهر طلب ڪيو ويو آهي. ان کان اڳين ٻڌڻي تي وڪيل قاضي مصباح شاهد اشتياق احمد کان آڏي پڇا مڪمل ڪئي هئي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ملڪ ۽ ڪٻاڙ جو دڪان هلائڻ ۾ فرق آهي: مريم اورنگزيب

لاهور(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي سينيئر اڳواڻ مريم اورنگزيب چيو آهي ته ملڪ ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے