20 خميس , سيپٽمبر 2018

قطب رند جو قتل، سنڌ جي ڪلا جو موت | پروگرام:جاڳرتا

قطب رند جو قتل، سنڌ جي ڪلا جو موت | پروگرام:جاڳرتا،ميزبان:حميدهه گهانگهرو| مهمان:حمز علي چانڊيو، سنڌو نواز گهانگهرو

عوامي آواز ٽي وي پروگرام جاڳرتا ۾ ميزبان حميده گھانگھرو سان اظھار ڪراچي(ٽي وي نيوز) نيشنل انسٽيٽيوٽ ڪاليج آرٽس لاهور جي شاگردياڻي ۽ فلم ساز سنڌو نواز گهانگهرو چيو آھي ته قطب جو قتل اسان لاءِ وڏو سانحو هو، قطب جي خون کي مذهب جو رنگ ڏئي لوڙهڻ جي سازش ڪئي وئي، اھڙو اظھار ھن عوامي آواز ٽي وي جي پروگرام جاڳرتا ۾ ميزبان حميده گھانگھرو سان ڳالھائيندي ڪيو، سماج اندر نوجوانن جي جاڳرتا جي موضوع تي ڳالھائيندي سنڌو نواز گھانگھرو چيو ته اسان جي معاشري ۾ عورتن کي فلم ساز واري دنيا ۾ سٺو نه سمجهيو ويندو آهي پر سندن والد جو لاڳاپو ڪميونسٽ پارٽي سان هو، جنهن ڪري کيس هن دنيا ۾ اچڻ ۾ ڏکيائي پيش نه آئي، هن چيو ته آرٽ ۽ فن ذريعي عورتن ۾ جاڳرتا پيدا ڪري سگهجي ٿي، هن چيو ته عورتن ۾سجاڳي پيدا ڪرڻ لاءِ ڊاڪيويٽريز فلمون پڻ ٺاهيون آهن، شاگرد اڳواڻ حمز علي چانڊيو چيو ته ماضي ۾ سنڌ اندر شاگرد سياست جو ڪردار ساراھ جوڳو رهيو آهي پر هڪ سازش تحت سنڌ ۾ سياست کي ولگرائيز ڪيو ويو، هن چيو ته سنڌ ۾ شاگرد سياست ڪرڻ ڏوھ بڻجي وئي وئي آهي، نوجوانن کي سياست ڪرڻ تي يونيورسٽين مان کنڀيو ٿو وڃي، ھن چيو ته سماج مان قطب جهڙن واقعن کي روڪڻ لاءِ سجاڳي پيدا ڪرڻ جي ضرورت آھي.05

هي به ڏسي سگهو ٿا

Dokri: Tribute to Martyrs of Karbala

نيوز: ڏوڪري: ڪربلا جي شهيدن جي ياد ۾ عزاداري ۽ مجلسون

*ڏوڪريءَ ۾ ڪربلا جي ياد ۾ 9 محرم الحرام جي حوالي سان ماتمي جلوس برآمد …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے