26 اربع , سيپٽمبر 2018

نيوز |سکر: ”ٻارن تي تشدد ۽ اسان جون ذميواريون“ جي سري هيٺ سيمينار

سکر ۾ سماجي تنظيم پاران ”ٻارڙن سان وڌندڙ زيادتين جي واقعن ۽ اسان جي ذميواري“ جي سري هيٺ سيمينار ڪوٺايو ويو.

سماجي تنظيم ناري فائونڊيشن پاران ڪوٺايل سيمينار ۾ ايس ايڇ او رخسانه منگي، انور مھر  ۽ شفيق کوسو سميت سياسي سماجي ۽ ٻين ماڻهن شرڪت ڪئي.

سيمينار کي خطاب ڪندي مقررن چيو ته ملڪ ۾ ٻارن تي تشدد عام ٿي ويو آھي، ھڪ سال ۾ ھزارين واقعا رپورٽ ٿين ٿا.

هنن چيو ته ٻار به  اسان جي معاشري جو حصو آھن پر بدقسمتي اھا آھي جو والدين ٻار تي خاص ڌيان نٿا ڏين، جنھن سبب ٻار مايوسي جو شڪار ٿئي ٿو.

سندن چوڻ هو ته والدين کي ٻارن سان دوستن وانگر پيش اچڻ گھرجي ته جيئن ٻار ڪنھن خوف يا ڪنھن طرفان حراسا ٿيڻ کان اڳ پنھنجي والدين کي سڄي صورتحال کان آگاھ ڪري سگھي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Daharki: Protest against police by shopkeepers

منجهند هڪ وڳي وارو نيوز بليٽن/2018-09-26

*يوسف رضا گيلاني اشتهاري مهم واري ريفرنس ۾احتساب عدالت پيش *ڪوڙي ڊگري ڪيس ۾ گرفتار …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے