23 آچر , سيپٽمبر 2018

نيوز | بدين: يوٽيلٽي اسٽور ملازمن جو اسٽور بند ڪرڻ خلاف احتجاج

بدين ۾ يوٽيلٽي اسٽورز جي ملازمن پاران يوٽيلٽي اسٽور بند ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ايوان صحافت آڏو يوسف انصاري، نند لال ۽ شنڪر لال سميت ٻين جي اڳواڻي ۾ يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن جي ملازمن يوٽيلٽي اسٽورز بند ڪرڻ خلاف احتجاج ڪيو.

ميڊيا سان ڳالهائيندي ملازمن چيو ته عوام کي سستو ريلف ڏيڻ وارو واحد ادارو يوٽيلٽي اسٽورز بند ڪري ظلم ڪيو ويو آهي.

هنن چيو ته بدين، ٺٽو ۽ ٿرپارڪر جي پٺتي پيل ۽ڏڪار سٽيل علائقن جي غريب عوام لاءِ يوٽيلٽي اسٽورز تان سستو رليف بند ڪرڻ ساڻن ظلم ڪيو يوو آهي.

سندن چوڻ هو ته 10 سالن کان ڪانٽريڪٽ ۽ ڏهاڙيِ تي ڪم ڪندڙ ملازمن کي اڃا تائين پڪو ناهي ڪيو ويو ۽ کين پگهارون به ناهن ملي سگهيون.

ملازمن وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته يوٽيلٽي اسٽور بحال ڪرائي سندن جائز مطالبا مڃي پريشاني ختم ڪري.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رات نائين وڳي وارو نيوز بليٽن / 2018-09-23

نيوز | گولاڙچي: سول سوسائٽي جي سڏ تي ڌارين کي سڃاڻپ ڏيڻ خلاف ريلي نيوز …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے