19 اربع , سيپٽمبر 2018

نيوز | حيدرآباد: ميونسپل ملازم جو پگهارون نه ملڻ خلاف احتجاج

حيدرآباد ۾ ميونسپل ڪميٽي خيرپور ناٿن شاهه جي ملازم پاران پگهارون نه ملڻ خلاف پٽن سميت احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

پريس ڪلب آڏو خيرپورناٿن شاهه جي ڳوٺ فتح پور واسي سڪندر چانڊيو پنهنجي ٻن پٽن سان گڏجي ميونسپل ڪميٽي خلاف احتجاج ڪيو.

سڪندر علي چانڊيو جو چوڻ هو ته هو 8 سالن کان ميونسپل ڪميٽي ۾ ملازم آهي، پر گروپ بندي هجڻ سبب 7 سالن کان کيس پگهارن ناهن مليون.

هن چيو ته هو ڊگهي عرصي کان احتجاج ڪندو رهيو آهي، پر کيس آسرن کان سواءِ ڪجهه به ناهي مليو، پگهارون نه ملڻ سبب هو لنگهڻ ڪاٽڻ تي مجبور ٿي ويا آهن.

ملازم اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي 7 سالن کان رهيل پگهارون جاري ڪرائي مسئلو ڪن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

SobhoDero

نيوز | سوڀو ديرو: شهرين پاران واهه مان مئل ڍور نه ڪڍڻ تي انتظاميه خلاف احتجاج

سوڀي ديري ۾ شهرين پاران واهه مان مئل ڍور نه ڪڍڻ تي انتظاميه خلاف احتجاج …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے