26 اربع , سيپٽمبر 2018

نيوز |ميرپورخاص: ڪولهي برادري جي ماڻهن جو نوجوانن جي گرفتاري خلاف احتجاج

ميرپور خاص ڀرسان ڪولهي برادري جي عورتن ۽ مردن پاران ٻن نوجوانن جي گرفتاري خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ڪوٽ غلام محمد نيشنل پريس ڪلب آڏو ڳوٺ اشرف خاصخيلي واسي کمون، ڪشور ۽ گنگا ڪولهڻ سميت ٻين پوليس چڙهائي ۽ نوجوانن جي گرفتاري خلاف احتجاج ڪيو.

ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪولهي برادري جي ماڻهن الزام هنيو ته ڪوٽ غلام محمد پوليس گهرن تي چڙهائي ڪري ننڊ سُتل نوجوانن ڪيلاش ۽ روپو ڪولهي کي کنڀي مٿن ڪڍي شراب جو جڙتو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي.

هنن چيو ته گهرن تي چڙهائي دوران ڪا به غيرقانوني شيءِ هٿ نه آئي، پر ان باوجود پوليس سندن نوجوانن کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو.

هنن ڊي آءِ جي ميرپورخاص سميت ٻين اختيارين کان مطالبو ڪيو ته نوجوانن کي آزاد ڪري ڪيس ختم ڪن.

هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي پوليس ٻڌايو ته ڳجهي اطلاع تي ڇاپي دوران ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪري 65 لِٽر ڪچو شراب ڪيو ۽ سرڪاري فرياد تي مٿن ڪيس به داخل ڪيو ويو آهي..

هي به ڏسي سگهو ٿا

Jhol

نيوز | جهول: سوئي سدرن گئس ٽيم پاران مختلف علائقن ۾ ڇاپا، غير قانوني گئس ڪنيڪشن ڪاٽا

جهول ۾ سوئي سدرن گئس ٽيم پاران شهر جي مختلف علائقن ۾ ڇاپا هڻي غير …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے