20 خميس , سيپٽمبر 2018

نيوز |ڊگهڙي:  آبادگارن جي شڪايتن بعد ڪورٽ سڳوري ۾ ڪيس داخل

ڊگهڙي ويجهو آبادگارن جون ڪروڙين روپيا بقايائون نه ڏيڻ تي،آبادگارن جي شڪايتن بعد ٽيڪنيڪل آفيسر ڪين ڪمشنر خالد اختر راجپوت ڪورٽ سڳوري ۾ ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو.

سينيئر سول اينڊ اسسٽنٽ سيشن جج ڊگهڙي جي ڪورٽ سڳوري ۾ ڪيس داخل ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي  ڪين ڪمشنر خالد اختر راجپوت چيو ته لڳ ڀڳ ٻه سئو آبادگارن کين شڪايت ڪئي.

هن چيو تھ  گذريل سيزن ۾ آبادگارن طرفان ڊگهڙي شگر مل کي ڪمند ڏيڻ بعد هنن جا ڪروڙين روپيا بقايائون ڊگهڙي شگر مل نه پئي ڏي.

سندس چوڻ هو تھ  بادگارن جي شڪايت بعد  ڊگهڙي شگر مل جي بورڊ آف ڊائريڪٽر کي بار بار ليٽر جاري ڪيا پر ڊگهڙي شگر مل طرفان ڪو به جواب نه ڏيڻ بعد اسان چيف ايگزيڪٽو آفيسر ڊگهڙي شگر مل نويد احمد جواري ۽ جنرل مئنيجر ڊگهڙي شگر مل نعيم سرور خلاف ڪيس ڪرايو آھي.

هن چيو ته  هن وقت تائين اسان وٽ لڳ ڀڳ ٻه سئو آبادگارن جون درخواستون ملي چڪيون آھن جن جي لڳ ڀڳ ٽوٽل پنج ڪروڙ بقايا ڊگهڙي شگر مل طرف آھي.

ڪيس داخل ٿيڻ بعد ڪورٽ سڳوري ڌرين کي 18سيپٽمبر تي طلب ڪري ورتو آھي……….

هي به ڏسي سگهو ٿا

Chamber

نيوز | چمبڙ: ايس ايس پي پاران مختلف امام بارگاهن جو دورو ڪيو

چمبڙ ۾ عاشوري واري ڏينهن سڪيورٽي جي جائزي لاءِ ايس ايس پي ٽي ٽنڊوالهيار مختلف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے