20 خميس , سيپٽمبر 2018

ننگر هار ۾ آپگهاتي ڌماڪو: مارجي ويلن جو انگ وڌي 68 ٿي ويو

ڪابل ( ويب ڊيسڪ ) ڪابل افغانستان جي صوبي ننگر هار ۾ گذريل ڏينهن ٿيل آپگهاتي ڌماڪي ۾ مارجي ويلن جو انگ وڌي 68 ٿي ويو. پرڏيهي خابرو اداري موجب اختيارين ننگر هار جي ضلعي ممهند درا ۾ ٿيل ڌماڪي ۾ 68 ڄڻن جي مارجڻ ۽ 165 ڄڻن جي زخمي هجڻ جي تصديق ڪئي آهي. واضح رهي ته گذريل ڏينهن ڌماڪي ۾ انهن احتجاج ڪندڙن کي نشانو بڻايو ويو هو جيڪي مقامي پوليس ڪمانڊر جي برطرفي لاءِ جلال آباد طور خم هاءِ وي تي مهمند درا وٽ احتجاج ڪري رهيا هئا. ننگر هار ڌماڪي جي ذميداري اڃان تائين ڪنهن به گروپ طرفان قبول ناهي ڪئي وئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڀارت ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ واڌ

 نئين دهلي(ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ ڇهين ڏينهن به اضافو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے