23 آچر , سيپٽمبر 2018

ارمينا خان ٽوئيٽر تي گٿا لفظ استعمال ڪندڙ شخص تي ڏمرجي پئي

ڪراچي( شوبز نيوز ) پاڪستاني اداڪارا ارمينا خان سندس حوالي سان سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي گٿا لفظ استعمال ڪندڙ شخص تي ڪڙڪي پئي. گذريل ڏينهن ارمينا خان لاءِ هڪ واهپيدار انتهائي غيراخلاقي زبان استمعال ڪندي ڪجهه ٽوئيٽ شيئر ڪيا هئا، جنهن تي اداڪارا تپي باهه ٿي وئي.  جيتوڻيڪ ڄاڻايل واهپيدار سموريون ٽوئيٽ  ڊليٽ ڪري ڇڏيون هيون، پر ارمينا خان اهي سمورا ٽوئيٽ اسڪرين شاٽ ذريعي محفوظ ڪري پنهنجي اڪائونٽ تان شيئر ڪيا . ارمينا خان پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ غيراخلاقي زبان استعمال ڪرڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ سوال ڪيو ته ڇا ان شخص جي معلومات فراهم ڪرڻ ۾ ڪو سندس مدد ڪري سگهي ٿو؟  اداڪارا ان کان پوءِ  هڪ ٻئي ٽوئيٽر پيغام ۾ آگاهه ڪيو ته ان واهپيدار ٽوئيٽ ڊليٽ ڪري ڇڏيا آهن. هن ٻڌايو ته ان شخص جو پتو لڳايو  ويو آهي ۽ کيس لاڳاپيل اختيارين اڳيان پيش ڪيو ويندو.ارمينا خان جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ڪنهن پاڻ خلاف گٿا لفظ استعمال ڪندي ٻڌو ته برداشت نه ڪيو پر ان جي رپورٽ داخل ڪرايو، اهو سائيبر ڪرايئم آهي. اداڪارا جو ڄاڻايل واهپيدار جي حوالي سان وڌيڪ چوڻ هو ته سندس نظر ۾ ماءُ، ڀيڻ ۽ ڌيءَ جي ڪا به عزت ناهي، اهڙا ماڻهو معاشري جي بُرائي آهن، اسان کي اسان جي والدين اهو ناهن سکياريندا.اداڪارا پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو ته عورتون ۽ مڙد، ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون ڪڏهن به ڪنهن طرفان غيراخلاقي زبان برداشت نه ڪن، دنيا جا سمورا سٺا ماڻهو توهان سان گڏ آهن.واضح رهي ته ارمينا خان اداڪاري سان گڏوگڏ سماجي خدمتون پڻ انجام ڏيندي رهندي آهي وقت به وقت معاشري جي مسئلن ۽ روين بابت پنهنجا خيال پڻ سوشل ميڊيا تي شيئر ڪندي رهندي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Pakistani movie Cake being considered for Oscars awards nomination

پاڪستاني فلم” ڪيڪ“ آسڪر ايواردد لاءِ نامزد

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) پاڪستاني فلم ”ڪيڪ“ کي دنيا جي سڀ کان وڏي فلمي ايوارڊ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے