22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

هاڻ انسٽاگرام تي به دوستن کي ويڊيوز ٽيگ ڪرڻ واري سهولت متعارف ڪرائي ويندي: انتظاميا

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) انسٽاگرام تي تصويرون ۾ دوستن کي ٽيگ ڪرڻ جو فيچر هر ڪوئي استعمال ڪندو آهي پر ان فيچر جي سهولت ويڊيوز ۾ دستياب نه هئي ۽ هاڻ تمام جلد واهپيدارن جي آساني لاءِ اهو ٽيگ فيچر ويڊيوز لاءِ به فراهم ڪيو ويندو.ٽيڪنالاجي ويب سائيٽ ٽيڪ ڪرنچ جي رپورٽ موجب انسٽاگرام ڪمپني ترجمان تصديق ڪئي آهي ته ويڊيو ٽيگنگ فيچر هن وقت آزمائشي مرحلي مان گذري رهيو آهي جيڪو امڪاني طور تي جلد ئي تمام واپيدارن لاءِ  دستياب هوندو . جهڙي طرح فيچر تصويرن لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي، بنهه اهڙي طرح ئي ويڊيوز لاءِ پڻ ڪيو ويندو . تصويرن ۾ ٽيگ ڪيل دوستن جو نالو  باڪس ۾ موجود ڏيکاريو ويندو آهي جڏهن ته ويڊيوز ٽيگ ڪيل نالا ڄاڻڻ لاءِ ٽيگ آئيڪون تي ڪلڪ ڪرڻو پوندو جنهن بعد سڀني نالن جي ڌار فهرست ڏسي سگهبي. واضح رهي ته تصويرن ۾ دوستن کي ٽيگ ڪرڻ وارو فيچر 2013 ۾ متعارف ڪرايو ويو هو جنهن کي ڪيترائي واهپيدار روزاني بنيادن تي استعمال ڪري رهيا آهن. ٻئي پاسي گذريل هفتي انسٽاگرام ۾ اسڪرين تي نمايان ايموجيز جو واڌارو پڻ ڪيو ويو هو جنهن سان واهپيدار فوري طور لفظن کان سواءِ پنهنجن جذبن جو اظهار ڪري سگهن ٿا. انسٽاگرام جي ترجمان موجب انسٽاگرام تي وقت به وقت نون فيچرن جي آزمائيش جاري رهندي آهي ته  جيئن واهپيدارن آسان طريقي سان رابطو فراهم ڪيو وڃي ۽ پسنديدا شين جي ويجهو رکي سگهجي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Facebook announced fake newsletters to watch videos and images

فيسبڪ جعلي خبرن وارين ويڊيوز ۽ تصويرن جي جاچ جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪيلفورنيا( ويب ڊيسڪ ) فيسبڪ پنهنجي هڪ بلاگ ۾ اعلان ڪيو آهي ته هو جعلي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے