24 سومر , سيپٽمبر 2018

نيوز: سن: شهرين جو رورل هيلٿ سينٽر جي ميڊيڪل انچارج خلاف احتجاج

Sann: Protest by citizens against incharge of rural health center*سن ۾ شهرين  رورل هيلٿ سينٽر جي ميڊيڪل انچارج خلاف  ريلي ڪڍي احتجاج ڪري ڌرڻو هنيو.

 شهرين   سيد عبدالله شاهه،  انور مگڻھار،  ظفر علي شاھ  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سائين جي ايم سيد چوڪ کان ريلي ڪڍي اسپتال جي  مک  گيٽ آڏو ڌرڻو هنيو.

ان موقعي تي شھرين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تھ رورل هيلٿ سينٽر جو انچارج  نبي بخش رند جي مبينا ڪرپشن سبب اسپتال تباهه ٿي وئي آھي.

 هنن الزام هڻندي چيو تھ  هڪ شرابي ڊاڪٽر مقرر هئڻ سبب مريضن سان اڍنگو رويو  اختيار ڪيو وڃي ٿو .

احتجاج ڪندڙن چيو تھ  ڪيترائي ڀيرا اختيارين  کي شڪايتون ڪيون آهن پر هن وقت تائين کڙ تيل ناهي نڪتو.

هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو تھ انچارج کي هٽائي ايماندار انچارج مقرر ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌيو ويندو…………

هي به ڏسي سگهو ٿا

Adilpur

نيوز | عادلپور:  اسڪول جي راندين جي ميدان تي بااثرن جي قبضي خلاف احتجاج

عادلپور ۾  اسڪول جي راندين جي ميدان  تي بااثرن جي مبينا قبضي خلاف احتجاج ڪيو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے