19 اربع , سيپٽمبر 2018

بالي ووڊ سلطان سلمان خان دبنگ ٿري ٺاهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

ممبئي( شوبز نيوز ) بالي ووڊ جي 2010 ۾ ريليز ٿيندڙ سپر هٽ فلم“دبنگ“ ٽيون ڀيرو هلندڙ سال ڌم مچائڻ اچي رهي آهي. فلم ”دبنگ3“ جي ڪاسٽ ۾ پهريان جيان سلمان خان سان گڏ سوناڪشي سنها جوهر ڏيکاريندي ۽ مددگار ڪردار ۾ ارباز خان ئي ادا ڪندو جڏهن فلم جي هدايتڪاري واري شعبي ۾ تبديلي ڪئي وئي آهي ۽  رڳو هدايتڪاري جا فرض پراڀو ديوا انجام ڏيندو. ٻه ڏينهن اڳ فلم کي ٺهندي 8 ورهيه مڪمل ٿيا هئا، ان موقعي تي سلمان خان ۽ سوناڪشي سنها جي وچ ۾ ملاقات ٿي. سلمان خان ملاقات جي تصوير انسٽاگرام تي شيئر ڪئي ۽ دلچسپ انداز ۾ مداحن کي آگاهه ڪيو ته گذريل ڏينهن رجو ۽ چلبل پانڊي مليا، اتفاق سان مهيش، ساجد ۽ واجد سان پڻ ملاقات ٿي، ملون ٿا ايندڙ سال دبنگ3 ۾. ٻئي پاسي سوناڪشي سنها پڻ پنهنجي ٽوئيٽر اڪائونٽ تان ملاقات جي تصوير شيئر ڪئي ۽ دبنگ3 جو باقاعدا اعلان ڪيو. واضح رهي ته سوناڪشي سنها پنهنجي فلمي ڪيريئر جي شروعات فلم”دبنگ“ کان ئي ڪئي هئي جڏهن ته ان جي سيڪوئل ۾ پڻ اداڪارا مرڪزي ڪردار ادا ڪيو هو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ماهرا خان طرفان ثانيا مرزا جي  ايندڙ ننڍڙي مهمان لاءِ نيڪ خوهشن جو اظهار

ڪراچي ( شوبز نيوز ) پاڪستان جي ناليواري اداڪارا ماهرا خان ۽ ڀارتي ٽينس اسٽار …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے