23 آچر , سيپٽمبر 2018

امام الحق ۽ نئين فيلڊنگ ڪوچ دبئي ۾ ٽيم کي جوان ڪري ورتو

Imam ul Haq and new fielding coach took the team in Dubaiدبئي( اسپورٽس نيوز ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اوپنگ بيٽسمين امام الحق ۽ نئين فيلڊنگ ڪوچ گرانٽ بريڊ برنٽ ايشيا ڪپ لاءِ دبئي ۾ قومي ٽيم کي جوائن ڪري ورتو آهي. امام الحق ويزا ۾ دير سبب قومي ٽيم سان گڏ نه وڃي سگهيو هو جڏهن ته اڄ هن دبئي پهچي ٽيم کي جوائن ڪري ورتو آهي. ٻئي پاسي قومي ٽي جي نئين فيلڊنگ ڪوچ گرانٽ بريڊ برنٽ پڻ دبئي پهچي ويو آهي، ويجهڙائي ۾ ئي پي سي بي کيس فيلڊنگ ڪوچ جي عهدي تي مقرر ڪيو آهي. ايشيا ڪپ لاءِ پاڪستان ٽيم اڄ کان تيارين جي شروعات ڪندي ۽ 16 سپٽمبر تي هانگ ڪانگ خلاف ميچ کان اڳ ڀرپور پريڪٽس ڪئي ويندي. ايونٽ جو سڀ کان وڏو مقابلو پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ميچ 19 سپٽمبر تي ٿيندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ايشيا ڪپ: پاڪستاني ٽيم ڀارت خلاف 162 رنسن تي ڍير

دبئي (اسپورٽس نيوز) ايشيا ڪپ جي پنجين ميچ ۾ قومي ٽيم ڀارت خلاف پهريان بيٽنگ …