19 اربع , سيپٽمبر 2018

نواز شريف پيرول تي آزاد ٿيڻ کان انڪار ڪيو هو: ذريعا

Clash of Kalamum Nawaz: Al-Azizi doubled the stalemate of the Stel Millاسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) اڊيالا جيل ۾ قيد اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف پنهنجي گهرواري ڪلثوم نواز جي لاڏاڻي تي پيرول تي آزاد ٿيڻ کان انڪار ڪيو هو جنهن بعد شهباز شريف سندس آزادي لاءِ درخواست ڏني . ذريعن موجب ڪلثوم نواز جي لاڏاڻي جي خبر اچڻ بعد شهباز شريف اڊيالا جيل پهتو جتي هن نواز شريف، مريم نواز ۽ ڪيپٽن(ر) صفدر سان ملاقات ڪئي ۽ نواز شريف کي چيو ته هو پيرول تي آزادي لاءِ صحيح ڪري جنهن تي هن ائين ڪرڻ کان انڪار ڪيو. ذريعن جو چوڻ آهي ته مريم نواز پڻ پيءُ جي حمايت ڪئي جڏهن ته نواز شريف جو چوڻ هو ته جيڪو نقصان ٿيڻو هو ٿي چڪو، خدا کي اهو ئي منظور هو جڏهن ته شهباز شريف پنهنجي ڀاءَ کان پيرول تي آزادي لاءِ پرزور اصرار ڪيو. ذريعن موجب شهباز شريف نواز شريف کي چيو ته هي تمام وڏو حادثو آهي ۽ پيرول تي آزادي جي اجازت قانون ڏيندو آهي. ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته شهباز شريف ڀاءَ کان اصرار ڪيو ته  توهان ٽنهي کي ڀاڄائي ڪلثوم جو آخري ديدار ڪرڻ گهرجي، جيڪڏهن اهو وقت گذري ويو ته سڄي عمر جو پڇتاءُ رهجي ويندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته نواز شريف جي راضي نه ٿيڻ تي شهباز شريف پنهنجي طرفان پيرول تي آزادي جي درخواست ڏني ۽ پاڻ ئي صحيح ڪئي جنهن بعد ٽنهي ڄڻن کي پيرول تي آزادي ملي. نواز شريف جو چوڻ هو ته موجودا حالتن ۾ حڪومت يا انتظاميا جو ڪو به ٿورو نٿو کڻڻ چاهيان، ساڻس جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي هو قانوني ويڙهه وڙهڻ بعد ئي ريليف وٺڻ جو خواهشمند آهي.ياد رهي ته اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف، سندس نياڻي مريم نواز ۽ ناٺي ڪيپٽن (ر) محمد صفدر  ايون فيلڊ ريفرنس ۾ احتساب عدالت مان سزا يافته آهن ۽ 13 جولائي کان اڊيالا جيل ۾ قيد آهن. ٻئي پاسي ڦڦڙن جي ڪينسر ۾ مبتلا بيگم ڪلثوم نواز ڊگهو عرصو بيمار رهڻ بعد گذريل ڏينهن لنڊن جي هارلي اسٽريٽ ڪلينڪ ۾ لاڏاڻو ڪري وئي هئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عالمي فوجداري عدالت روهنگيا مسلمانن خلاف ڏوهن جي جاچ شروع ڪري ڇڏي

دي هيگ (ويب ڊيسڪ) عالمي فوجداري عدالت روهنگيا مسلمانن خلاف ڏوهن جي عبوري جاچ جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے