21 جمعو , سيپٽمبر 2018

ڪلثوم نواز جو لاڏاڻو: نواز شريف جي طبعيت خراب، جاتي امرا ۾ تعزيت جو سلسلو جاري

Clash of Kalamum Nawaz: Nawaz Sharif's nature worsened, but in the same manner, the chain of condolences continuedلاهور( ويب ڊيسڪ ) بيگم ڪلثوم نواز جي لاڏاڻي تي تعزيت لاءِ جاتي امرا ۾ مسلم ليگ ن جي اڳواڻن جي آمد ۽ تعزيت جاري آهي، جڏهن ته نواز شريف جي طبعيت خراب ٿيڻ سبب کائنس سان تعزيت ڪرڻ جو سلسلو روڪيو ويو آهي. ڪينسر جي بيماري سان جهيڙيندي بيگم ڪلثوم نواز جي گذريل ڏينهن لاڏاڻي بعد نواز شريف، سندس نياڻي ۽ ناٺي ڪيپٽن (ر) صفدر کي اڊيالا جيل مان پيرول تي آزاد ڪيو ويو هو، جنهن بعد هو خاص جهاز ۾ گذريل رات لاهور پهتا ۽ هاڻ پنهنجي راهائشگاهه جاتي امرا ۾ موجود آهن. ان موقعي تي جاتي امرا جي سيڪيورٽي لاءِ وڏي نفري مقرر ڪئي وئي آهي جڏهن ته ٽريفڪ جي رواني لاءِ وارڊن کي پڻ مقرر ڪيو ويو آهي.نواز شريف سان تعزيت لاءِ سينيٽر آصف ڪرماڻي، سينيٽر ڊاڪٽر غوث نيازي ۽ ٻيا ليگي اڳواڻ جاتي امرا آيا. ٻئي پاسي ذريعن جو چوڻ آهي ته ميان نواز شتريف جي طبعيت خراب ٿي وئي آهي جنهن سبب تعزيت لاءِ ايندڙ ماڻهو ساڻس نه ملي سگهندا. ذريعن ٻڌايو ته تعزيت لاءِ جاتي امرا ايندڙن سان حمزا شهباز، سلمان شهباز ۽ آصف ڪرماڻي ملاقات ڪري رهيا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سيف سٽي پراجيڪٽ کي وڌيڪ مضبوط بڻايو ويندو: شهريار آفريدي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مملڪتي گهرو وزير شهريار آفريدي سيف سٽي پراجيڪٽ کي وڌيڪ مضبوط …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے