26 اربع , سيپٽمبر 2018

گمبٽ۾ گمس مان ٽن ڏينهن جو ڄاول ٻارڙو اغوا

Gambat: Three years old child kidnapped from hospitalگمبٽ(ويب ڊيسڪ)  گمس اسپتال جي ٻارڙن واري وارڊ مان نامعلوم عورت اڳڙا واسي اقرار ڪلهوڙي جي ٽن ڏينهن جي تازي ڄاول ٻارڙي کي اغوا ڪري وئي ، ٻارڙي جي امڙ کي بي هوشي جا دورا پئجي رهيا آهن .

 پوليس ٽن ڪلاڪن کان پوءِ اسپتال ۾ پهچي ٻارڙي جي گم اغوا ٿيڻ جا وارثن کان تفصيل ورتا ۽ سي سي ٽي وي کي به چيڪ ڪيو پر ٻارڙي کي اغوا ڪندڙ عورت جي سڃاڻپ نه ٿي سگھي.

 ان موقعي تي اغوا ٿي ويل  ٽن ڏينهن جي ڄاول ٻارڙي جي پيءُ اقرار ڪلهوڙو جو چوڻ هو ته ٻارڙي جي طبيعت ٺيڪ نه هئڻ ڪري گمبٽ جي گمس اسپتال جي ٻارڙن واري وارڊ ۾ داخل ڪرايو هو. اسين وارڊ جي ٻاهران بيٺل هئاسين ته نامعلوم عورت ٻارڙي کي کڻي  فرار ٿي وئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

امل قتل ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي، پوليس مقابلي بعد فرار ٿيل جوابدار به گرفتار

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) گذريل مهيني مبينا پوليس مقابلي ۾ 10 سالن جي ٻارڙي امل جي قتل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے