19 اربع , سيپٽمبر 2018

مخالفن کي آخري وارننگ ڏئي رهيا آهيون، ڊيم نه ٺهڻ واري ايجنڊا کي پورو ٿيڻ نه ڏينداسين: چيف جسٽس

We are giving last warning to the opponents, we do not allow the dumping agencies to come back: Chief Justiceاسلام آباد( ويب ڊيسڪ  ) چيف جسٽس ثاقب نثار چيو آهي ته ڊيم جي مخالفن کي آخري وارننگ ڏئي رهيا آهيون، هي سياسي نه پر بنيادي حقن جا ڪيس آهن، جيڪو عدالت کي بدنام ڪندو ان کي ائين نه ڇڏينداسين. جيڪو پاڪستان ۾ ڊيم نٿو ڏسڻ چاهي انهن جو ايجنڊا پورو ٿيڻ نه ڏينداسين. ڪنهن کي چوڻ جي ضرورت ناهي ته سپريم ڪورٽ پنهنجي سياسي پارٽي ٺاهي. سپريم ڪورٽ ۾ ڊوڊوچه ڊيم تعمير ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ثاقب نثار رمارڪس ۾ چيو ته ڪنهن کي چوڻ جي ضرورت ناهي ته سپريم ڪورٽ پنهنجي سياسي جماعت ٺاهي، سياست ڪرڻي اٿوَ ته ڪنهن ٻئي هنڌ وڃي ڪيو، ڊيم جي مخالفن کي آخري وارننگ ڏئي رهيا آهيون، هي سياسي نه پر بنيادي حقن جا ڪيس آهن، جيڪو عدالت کي بدنام ڪندو ان کي ائين نه ڇڏينداسين. جيڪو پاڪستان ۾ ڊيم نٿو ڏسڻ چاهي انهن جو ايجنڊا پورو نه ڪيو ويندو. ڪيس جي ٻڌڻي دوران آبپاشي سيڪريٽري عدالت کي ٻڌايو ته ڊيم زراعت کاتي کي تعمير ڪرڻا آهن، بحريه ٽائون اسان جي مالي مدد ڪري، چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته بحريه ٽائون پنجاب حڪومت جو فنانسر ناهي،  اصل ايشو ڊيم تي ڪميشن جو آهي، جنهن ڪمپني ڊيم ٺاهيو ته ڪميشن نه ملندي، هر ڪم تي ڪميشن نه هئڻ گهرجي، ٿورو سوچو ته هي ٽيم ڊيم صوبي جي عوام لاءِ ڪيترو ضروري آهي. چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته پنجاب حڪومت ٽائيم فريم ڏي ته ڪيستائين ڊيم ٺاهيندي، پنجاب جو وڏو وزير ٻڌائي ته ڊوڊوچه ڊيم ڪڏهن تعمير ٿيندو، ڇا پنجاب جي وڏي وزير کي ايندڙ ٻڌڻي تي سڏائي وٺون. عدالت پنجاب حڪومت کي پروپوزل ۾ ڊيم جي تعمير ۽ مڪمل ٿيڻ جو ٽائيم فريم فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ڪيس جي ٻڌڻي ٻن هفتن تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف، مريم ۽ صفدر کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ايون فيلڊ ريفرنس ۾ اڳوڻي وزيراعظم …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے