22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

مريم نواز جي بيانن کي ٽوڙي مروڙي پيش نه ڪيو وڃي : مريم اورنگزيب

Miram Erdoğanb did not present media reports to Maryam Nawaz:لاهور( ويب ڊيسڪ ) مسلم ليگ ن جي ترجمان ۽  اڳوڻي سڌ سماءَ واري وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته مريم نواز ميڊيا کي ڪو به بيان ناهي ڏنو ۽ هن سان منسوب بيان درست ناهن. پنهنجي بيان ۾ مريم اونگزيب چيو ته گذريل ٻن ڏينهن کان ذريعن وٽان جاري ڪيل بيان مريم نواز ناهن ڏنا ۽ جيل ۾ ملاقات دوران مريم نواز جي ڳالهه ٻولهه کي ٽوڙي موروڙي پيش نه ڪيو وڃي. مريم اورنگزيب درخواست ڪئي آهي ته ذريعن وٽان مليل ڪا به خبر بنا تصديق جي نه هلائي وڃي ۽ ميڊيا کي گذارش آهي ته رڳو ترجمان جو جاري ڪيل بيان ئي نشر ۽ شائع ڪيو وڃي. مريم اورنگزيب وڌيڪ چيو ته افواهن تي ٻڌل خبرون هلائڻ مناسب ناهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاناما ريفرنسز جي منتقلي خلاف نيب اپيل 25 سيپٽمبر تي ٻڌڻي لاءِ مقرر

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم  نواز شريف بابت پاناما ريفرنسز …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے