20 خميس , سيپٽمبر 2018

ڪلثوم نواز جو لاڏاڻو: العزيزيه اسٽيل مل جي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي

Clash of Kalamum Nawaz: Al-Azizi doubled the stalemate of the Stel Millاسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) احتساب عدالت اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف خلاف العزيزيه اسٽيل ملز ريفرنس جي ٻڌڻي سندس گهرواري جي وفات سبب سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ياد رهي ته ڦڦڙن جي ڪينسر ۾ مبتلا بيگم ڪلثوم نواز ڊگهو عرصو بيمار رهڻ بعد گذريل ڏينهن لنڊن جي هارلي اسٽريٽ ڪلينڪ ۾ لاڏاڻو ڪري وئي هئي. احتساب عدالت نمبر 2 جج محمد ارشد ملڪ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف خلاف نيب ريفرنس تي ٻڌڻي ڪئي. نواز شريف جو وڪيل خواجا حارث عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ عدالت کي آگاهه ڪيو ته بدقسمتي سان اڳوڻي وزيراعظم جي گهرواري بيگم ڪلثوم لاڏاڻو ڪري وئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته اڄ صبح خبر پئي ته نواز شريف کي پيرول تي آزاد ٿيڻ بعد لاهور آندو ويو آهي ۽ سندس غيرحاضري ۾ عدالتي ڪاروائي هلائڻ جون هدايتون ناهن مليون. خواجا حارث عدالت کي ٻڌايو ته هو نواز شريف سان اڄ رابطو ڪري هدايتون وٺڻ بعد سڀاڻي عدالت کي آگاهه ڪري ڇڏيندو. احتساب عدالت جي جج چيو ته جيل مان ليٽر اچي ته خبر پئي ته ان ۾ ڇا لکيل آهي. جج ارشد ملڪ وڌيڪ چيو ته ڪلثوم نواز قومي شخصيت هئي، اڄ ڪاروائي هلائڻ مناسب نه هوندو. ان موقعي ته خواجا حارث چيو ته جڏهن نواز شريف وطن واپس آيو تڏهن بيگم ڪلثوم نواز وينٽي ليٽر تي هئي. جنهن تي جج رمارڪس ڏنا ته اهي ڳالهيون قومي ميڊيا ۾ به رپورٽ ٿيون آهن.جنهن بعد احتساب عدالت العزيزيه اسٽيل ملز ريفرنس جي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اهو تاثر درست ناهي ته ججن دٻاءَ ۾ فيصلو ٻڌايو: اعتزاز احسن

لاهور (ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي سينيئر قانونداد اعتزاز احسن چيو آهي اهو تاثر نٿو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے