21 جمعو , سيپٽمبر 2018

ڀارت ۾ دلت شاگرد ڪاليج کان گهر ويندي قتل

Dalit student in college will be asked for murder مظفر نگر(ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست مڌيا پرديش ۾ ايم بي بي ايس ٻئين سال جي دلت شاگرد کي ڪاليج کان گهر ويندي فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو.پرڏيهي خابرو اداري موجب اهو واقعو مڌيا پرديش رياست جي مظفر نگر شهر ويجهي ڳوٺ مندلا ۾ پيش آيو جتي اڻڄاتل هٿياربندن فائرنگ ڪري ميڊيڪل ڪاليج جي ٻئين سال ۾ پڙهندڙ شاگرد کي قتل ڪري ڇڏيو.سرڪل آفيسر رضوان احمد چيو آهي ته مقتول ڪاليج کان گهر واپس وڃي رهيو هو ته کيس قتل ڪيو ويو.  مقتول جي وارثن لاش روڊ تي رکي احتجاج ڪري هاءِ وي بند ڪري ڇڏيو ۽ جوابدارن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان دهشتگردن جي ٿاڪن جي خاتمي لاءِ آپريشن ڪيا: آمريڪا جو اعتراف

واشنگٽن ( ويب ڊيسڪ ) آمريڪي پرڏيهي کاتي اعتراف ڪيو آهي ته  پاڪستان دهشتگردن جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے