19 اربع , سيپٽمبر 2018

پاڪ فوج جي عظيم هيرو شهيد ميجر راجا عزيز ڀٽي جي اڄ ورسي

 اسلام آباد( ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج جي عظيم سورهيه  ۽ سيپٽمبر 1965ع  جي جنگ جي هيرو ميجر راجا عزيز ڀٽي شهيد (نشان حيدر) جو يوم شهادت اڄ 12 سيپٽمبر اربع تي قومي جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي.ميجر راجا عزيز ڀٽي شهيد 12 سيپٽمبر 1965ع تي پاڪ ڀارت جنگ دوران لاهور جي محاذ تي بهادري جو مظاهرو ڪندي شهادت ماڻي. کيس پاڪستان جي هٿياربند فوجن جي سڀ کان وڏي اعزاز نشان حيدر سان نوازيو ويو.اڄ شهيد جي آخري آرامگاهه تي گلن جون چادرون چاڙهيون وينديون ۽ فاتحه خواني ڪئي ويندي. ان موقعي تي مسجدن ۾ قرآن خوانين جو به اهتمام ڪيو ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف، مريم ۽ صفدر کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ايون فيلڊ ريفرنس ۾ اڳوڻي وزيراعظم …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے