22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

ڪراچيءَ ۾ وڌندڙ اسٽريٽ ڪرائيم ۽ امن امان جي صورتحال

ڪراچيءَ ۾ اسٽريٽ ڪرائيم جي حوالي سان گذريل ٻه هفتا ڪافي اهم  رهيا آهن، انهن ٻن هفتن دوران شهر جي ميئر وسيم اختر کان پڻ ڪراچيءَ جي ڊفينس واري علائقي مان گن پوائنٽ تي گاڏي ڦرجڻ جو واقعو به پيش آيو آهي، ڪراچيءَ ۾ هڪ ڊگهي عرصي کان اسٽريٽ ڪرائيم جو جِنُ ڄڻ ته قانون جي بوتل ۾ بند ته ضرور پئي لڳو تنهن هوندي به سڄي شهر ۾ ننڍڙا ننڍڙا جن اسٽريٽ ڪرائيم جي سرگرمين ۾ ضرور سرگرم رهيا ۽ وري خبر ناهي ته ان بوتل جو ڍڪڻ ڪيئن کليو  ۽ ڪيئن اسٽريٽ ڪرائيم جو وڏو جن ٻاهر نڪري آيو.

ڪراچيءَ ۾ گذريل ٻن هفتن کان اسٽريٽ ڪرائيم جي سرگرمين ۾ تيزي اچڻ وارو عمل ته پنهنجي جاءِ تي پر مجموعي طور تي شهر ۾ اسٽريٽ ڪرائيم جون سرگرميون هلنديون رهيون، پر جيئن ته انهن ۾ ايتري شدت نه هُئي جو ان کي سرڪار محسوس ڪري، اهڙي شدت ڪراچيءَ جي ميئر وسيم اختر کان ڊفينس واري علائقي مان گن پوائنٽ تي گاڏي ڦر ڪرڻ واري واقعي بعد آئي، گاڏي ڦرجڻ دوران ميئر پاڻ گاڏيءَ ۾ موجود هيو، کانئس گاڏيءَ جي ڦر واري واقعي جو سرڪاري حلقن ۾ پڻ رد عمل جو اظهار ڪيو ويو. محسوس ائين ٿو ٿئي ته ڪراچيءَ ۾ اسٽريٽ ڪرائيم جي سرگرمين کي ڪافي عرصي کان ٻنجو ته آيل هيو جنهن ڪري اهي سرگرميون ڪنهن ضابطي هيٺ هيون پر مجموعي طور تي اسٽريٽ ڪرائيم جون سرگرميون ڪنهن نه ڪنهن پيئماني تي جاري و ساري رهيون.

هلندڙ سال جنوري کان جولاءِ تائين ڪراچي جي مختلف علائقن مان 825 گاڏيون چوري ۽ ڦر ٿيو. سي پي ايل سي جي انگن اکرن موجب هلندڙ سال ڪراچي شهر مان 26 هزار کان وڌيڪ موٽرسائيڪلون چوري ۽ ڦر ڪيون ويون، پوليس ۽ اي سي ايل سي صرف 3401 موٽر سائيڪلون واپس ڪرائي سگهي، اسٽريٽ ڪرائيم ۾ هلندڙ سال شهرين کان 20 هزار موبائل فون ڦريا ويا، جن مان صرف 791 واپس ٿيا،

اسٽريٽ ڪرائيم سان گڏ شهر ۾ امن امان جي صورتحال پڻ انتهائي تشويشناڪ رهي هلندڙ سال ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائيم توڙي ذاتي دشمني سبب 200 کان وڌيڪ ماڻهو قتل ٿيا جڏهن ته اڍائي سئو زخمي ٿيا، هلندڙ سال ڀتي خوري جون 33 وارداتون رپورٽ ڪيون ويون، جڏهن ته بينڪ ڦر جون 5 واداتون ٿي چڪيون آهن.

ڪراچيءَ ۾ ٿيل اسٽريٽ ڪرائيم جي هاڻوڪين ڪاررواين تي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته، ”اسٽريٽ ڪرائيم نگران دور ۾ وڌيو آهي، جنهن کي هر صورت ۾ ختم ڪبو“.  سيد مراد علي شاهه شهر ۾ اسٽريٽ ڪرائيم جي حوالي سان اڳ به اهو چئي چڪو آهي ته، ”شهر ۾ اسٽريٽ ڪرائيم کي اهڙي نموني ختم ڪيو ويندو جيئن شهر مان دهشت گرديءَ کي ختم ڪيو ويو آهي“.

اسٽريٽ ڪرائيم جي حوالي سان ڪراچي شهر جي صورتحال دنيا جي ٻين ميٽروپوليٽن ۽ وڏن شهرن کان ڪافي حد تائين مختلف آهي جنهن کي سمجهڻ جي سخت ضرورت آهي، اسٽريٽ ڪرائيم لاهور ۾ به ٿئي ٿو، اسٽريٽ ڪرائيم، پشاور ۽ اسلام آباد ۾ پڻ ٿئي ٿو ۽ اسٽريٽ ڪرائيم دنيا جي ٻين وڏن شهرن ۾ پڻ ٿئي ٿو.اتي جي اسٽريٽ ڪرائيم جي صورتحال ۽ درجابندي ۽ ڪراچيءَ جي اسٽريٽ ڪرائيم جي صورتحال ۽ درجابنديءَ ۾ ڪافي فرق آهي، ڄاڻايل شهرن ۾ جيڪي به اسٽريٽ ڪرائيم ٿين ٿا انهن جي مختلف سماجي ڏوهن جي حوالي سان درجي بندي ڪري سگهبي پر ڪراچيءَ جي اسٽريٽ ڪرائيم جي درجا بندي سماجي ڏوهن جي حوالي سان ڪرڻ سميت انهن جو هڪ ”مخصوص مفادن“ وارو پهلو پڻ هوندو آهي، تنهنڪري ڪراچيءَ شهر جي اسٽريٽ ڪرائيم کي سماجي حوالي سان دتجه بندي ڪرڻ مشڪل آهي.

ڪراچي شهر ۾ گذريل ٽيهن سالن جي اسٽريٽ ڪرائيم جي تاريخ اهو ٿي ٻڌائي ته ڪراچي شهر جا اسٽريٽ ڪرمنلز به جهڙوڪر هڪ اهڙي ”فورس“ تحت استعمال ڪيا وڃن ٿا، جيئن ڪنهن ”دهشت گرد فورس“ يا ڪنهن ”سياسي فورس“ جي ڪارندن کي  ”مخصوص مفاد“ حاصل ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي ۽ ان جو استعمال مختلف سياسي پارٽيون/ قوتون  بوقت ضرورت ڪنديون آهن ۽ سندن استعمال ان وقت ٿئي ٿو جڏهن ڪراچيءَ ۾ امن جي فضا قائم ٿئي ٿي ۽ موجود سنڌ حڪومت پنهنجو ڪم ڪرڻ لڳي ٿي، اهڙي صورتحال ۾ حڪومت مخالف مختلف قوتون حڪومت کي بدنام ڪرڻ ۽ سرڪاري ڪمن ۾ رنڊڪ لاءِ اسٽريٽ ڪرمنلز کي هڪ ”فورس“ تحت استعمال ڪن ٿيون، گذريل ٽيهن سالن جي اسٽريٽ ڪرائيم جي مشاهدي بعد اهو تصور جڙيو ۽ مضبوط ٿيو آهي، جنهن کي درست ۽ غلط قرار ڏئي سگهجي ٿو.

ڪراچي شهر ۾ اسٽريٽ ڪرائيم جي وڌڻ بعد عام پرامن شهرين ۾ تشويش  وڌڻ هڪ فطري عمل آهي، ۽ اهو به فطري عمل هجڻ گهرجي ته سرڪار جا سنجيده حلقا پڻ ان جو نوٽس وٺن، شهرن جي ترقي امن امان سان لاڳاپيل آهي، اها هڪ حقيقت آهي ته دنيا جي جنهن به وڏي شهر ۾ جيترو امن امان جي صورتحال مستحڪم هوندي آهي، اهو شهر ايترو ئي ترقي ڪندو رهي ٿو، جڏهن دنيا جي ڪنهن به ملڪ جو ڪو وڏو شهر جيڪو پورٽ ۽ ميٽروپوليٽن سٽي هُجي جيتري ترقي ڪندو آهي، سمجهڻ اهو گهرجي ته اهو ملڪ اوتري ئي ترقي ڪندو آهي، ڪراچي سنڌ ۽ سنڌين جو ”اقتصادي حب“ آهي، ڪراچيءَ ۾ بدامني سڌو سنئون سنڌين جي مجموعي معيشت تي منفي اثر وجهي ٿي.

اسان سنڌ حڪومت کي اها پرزور گذارش ڪنداسين ته ڪراچيءَ ۾ اسٽريٽ ڪرائيم ڪهڙي به پس منظر ۾ ٿيندو هُجي ان کي سختيءَ سان چٿيو وڃي ۽ شهر ۾ امن امان جي صورتحال کي وڌ کان وڌ مستحڪم بڻايو وڃي، ڪراچي شهر جو امن نه صرف سموري سنڌ تي مثبت اثر وجهي ٿو پر مجموعي طور تي سڄي ملڪ جي معيشت تي مثبت اثر وجهي ٿو، ڇو جو ملڪ جي ٻين صوبن جا لکين ماڻهو پڻ ڪراچيءَ ۾ رزق روزگار لاءِ اچن ٿا ۽ پنهنجن ٻچن جو رزق روزگار ڪمائن ٿا.

اربع 12 سيپٽمبر  2018ع، پهرين محرم الحرام 1440 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ حڪومت جي بجيٽ ۽ مالي بحران جون شڪايتون

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه مالي سال 19/2018 جي 9 مهينن لاءِ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے