19 اربع , سيپٽمبر 2018

ڪلثوم نواز جو مرتيو ۽ شريف خاندان لاءِ مشڪل جي گهڙي

زاهد ميراڻي

مسلم ليگ ( ن ) جي اڳواڻ، قيدي نواز شريف جي گهر واري ۽ قيدڻ مريم نواز شريف جي والده  ڪلثوم نواز شريف لنڊن جي اسپتال ۾ ڳلي جي ڪينسر سبب زير علاج رهندي وفات ڪري وئي، سندس مرتئي سبب ملڪ جي سنجيده ۽ ساڃاهه وند حلقن ۾ ڏک جي لهر ڇائنجي وئي آهي، مرحومه جي مرتئي تي شريف خاندان جي راءِ ونڊ ۽ ماڊل ٽائون لاهور واري گهر ۾ تڏو وڃايو ويو آهي.

مرحومه ڪلثوم نواز شريف کي گذريل سال ڳلي جي ڪينسر جي تشخيص ٿي هُئي جنهن بعد کيس لنڊن جي هڪ اسپتال ۾ علاج لاءِ داخل ڪرايو ويو، هوءَ هڪ اهڙي وقت ۾ بيمار ٿي پئي جڏهن سندس مڙس  پُٽن ۽ ڌيءَ تي ڪرپشن جا ڪيس هلندڙ هيا ۽ جيڪي پڻ ڏيڍ سال تائين جاري رهيا ۽ آخر ۾ اهي به وڃي جيل ۾ بند ٿيا، نواز شريف پنهنجي گهر واريءَ جي تيمار داري به ڪندو رهيو ۽ ڪيسن کي به منهن ڏيندو رهيو، هُن پنهنجي گهرواريءَ سان آخري ملاقات 13- جولاءِ تي ڪئي هُئي، اها ملاقات بيگم ڪلثوم نواز سان نواز شريف ۽ مريم نواز جي آخري ملاقات هُئي جنهن بعد هو ٻئي پاڪستان آيا ۽ قيد ڪيا ويا.

لنڊن جي هارلي اسٽريٽ جي ڪلينڪ ۾ مرتئي وقت بيگم ڪلثوم نواز جو مڙس ۽ ڌيءَ جيل ۾ سزا ڪاٽي رهيا آهن ۽ سندس ٻه پُٽ مفرور قرار ڏنل آهن، سندس مرتئي جي تصديق جي خبر بعد مسلم ليگ ( ن ) جي ڪارڪنن جو هڪ وڏو انگ اسپتال پهچي ويو.

بيگم ڪلثوم نواز هڪ گهريلو عورت هُئي  زندگيءَ ۾ سندس سياست سان تعلق نه ته گهرو رهيو ۽ نه ئي ويجهو رهيو، پر سياست متعلق سندس سمجهه ۽ ساڃاهه تعريف جهڙي هوندي  هُئي. پر سياست ۾ سندس اتفاقي داخلا ان  وقت ٿي جڏهن  1999ع ۾ فوج هٿان سندس جي حڪومت مان بي دخلي ٿي ۽ کيس اٽڪ جيل ۾ قيد ڪيو ويو. ان وقت بيگم ڪلثوم نواز مسلم ليگ ( ن ) جي قيادت سنڀالي پنهنجي قيدي مڙس نواز شريف جي آزاديءَ لاءِ تحريڪ هلائي، بيگم ڪلثوم نواز جيتوڻيڪ ڪو سياسي پس منظر نه رکندي هُئي پر تنهن هوندي به هو ان ڏکئي وقت ۾ مسلم ليگ ( ن ) جي قيادت سنڀالي هڪ ته پارٽيءَ کي ٽٽڻ کان بچايو ۽ ٻيو نواز شريف جي آزاديءَ لاءِ هڪ سرگرم تحريڪ هلائي، هُن پنهنجي انهيءَ مختصر سياسي ڪيريئر ۾ اهو ثابت ڪري ڏيکاريو ته هوءَ هڪ بهترين سياستڪار آهي.  هو 1999ع جي اهڙي ڏکئي وقت ۾ جڏهن مسلم ليگ ( ن ) جي سموري قيادت يا ته جيلن ۾ هُئي يا  مفرور هُئي اوچتو ئي اوچتو هڪ گهريلو عورت مان سياستڪار بڻجي وئي، سندس سياسي منظر نامي ۾ متحرڪ ڪردار ادا ڪرڻ تي ميڊيا پڻ ڪافي حيرت جو اظهار ڪيو ۽ سندس همت جي تعريف ڪئي.

نواز شريف جي انهيءَ قيد مان رهائي متعلق بعد ۾ اها راءِ مستحڪم ٿي ته جنرل مشرف سندس مڙس جي آزادي ڪجهه پرڏيهي ملڪن جي دٻاءَ ۽ خاص ڪري ڪلثوم نواز جي سياسي تحريڪ ڪري عمل ۾ آندي جو بيگم ڪلثوم نواز هڪ موثر سياسي ڪرادر ادا ڪري رهي هُئي، نواز شريف جي پهرئين مشڪل دور ۾ ته بيگم ڪلثوم نواز شريف سندس مدد لاءِ موجود هُئي پر بدقسمتيءَ سان نواز شريف جي ٻئي مشڪل دور ۾ هوءَ پاڻ مشڪل جو شڪار رهي ۽ سندس مدد ڪري نه سگهي.

بيگم ڪلثوم نواز  1999ع جي سياسي تحريڪ واري دور ۾ هڪ غيرتڪراري شخصيت طور تي سامهو اڀري آئي ۽ هُن مسلم ليگ ( ن ) کي سياسي انتشار ۽ ڀڃ ڊاهه کان بچائي ورتو.

سياسي ۽ صحافتي حلقن جو چوڻ آهي ته ميان نوازشريف اڪثر سياسي فيصلن ۾  ڪلثوم نواز جي راءِ کي اهميت ڏيندو هو، ميان صاحب تي بيگ، ڪلثوم نواز جي سياسي سوچ ۽ فڪر جو تمام گهڻو اثر هوندو هو، شريف خاندان سان ويجهڙائي وارو تعلق رکندڙ صحافين ۽ سياسي حلقن جو اهو به چوڻ آهي ته بيگم ڪلثوم نواز  سياسي معاملن ۾ جيڪا راءِ قام ڪندي هُئي اها اڳتي هلي درست ثابت ٿيندي هُئي جنهن ڪري نواز شريف سندس راءِ کي اهميت ڏيندو هو.

بيگم ڪلثوم نواز پنهنجي سياسي ڪيئريئر ۾ چونڊن ۾ به حصو ورتو هيو ۽ لاهور جي تڪ اين اي 120 تان ڪامياب پڻ ٿي هُئي، هُن پنهنجي طبعيت جي ناسازيءَ ڪري نه ته پنهنجي ڪا چونڊ مهم هلائي سگهي هُئي ۽ نه ئي قومي اسيمبليءَ جي ميبر طور حلف کڻي سگهي هُئي.

بيگم ڪلثوم نواز شريف خاندان لاءِ هڪ با.نڊنگ فورس هُئي جنهن سڄي خاندان کي گڏ ڪري رکيو، سندس ٻارن جي شادين ۾ سندس راءِ اهم مڃي ويندي هُئي،  پنهنجن سمورن ٻارن مان مريم نواز سان  سندس جو خاص پيار هوندو هو ۽ کيس ڪلثوم نواز جي لاڏلي چيو ويندو هو .

آخري اطلاعن تائين بيگم ڪلثوم نواز جي تدفين جو فيصلو نه ٿي سگهيو هو ته کيس لنڊن ۾ دفنايو ويندو يا کيس پاڪستان آندو ويندو، جڏهن ته لنڊن ۾ مقيم مسلم ليگ ( ن ) جي قيادت سندس جنازي نماز لنڊن جي ريجنٽ پارڪ واري مسجد ۾ ادا ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو.

ٻئي طرف بيگم ڪلثوم نواز جي تدفين جي سلسلي ۾ سندس قيدي مڙس نواز شريف، سندس نياڻي مريم نواز ۽ نياڻي ڪيپٽن صفدر جي سندس تدفين ۾ شرڪت وارو معاملو ڪافي سنجيدگي ۽ اهميت اختيار ڪري ويو آهي جو اهي ٽئي ڪرپشن جي مختلف ڪيسن ۾ قيد آهن،  پنجاب جي گهرو کاتي جو چوڻ آهي ته نواز شريف، مريم نواز ۽ ڪيپٽن صفدر جي تدفين ۾ شرڪت لاءِ گهرو کاتي کي پيرول تي آزاديءَ لاءِ درخواست ڏيڻي پوندي، اها درخواست پنجاب جي هوم سيڪريٽريءَ کي ڏني ويندي جيڪو اڊيالا جيل کي سندن جي پيرول تي آزاديءَ لاءِ حڪم جاري ڪري سگهندو. اختيارين جو چوڻ آهي ته هوم سيڪريٽري کين وڌ ۾ وڌ 12- ڪلاڪن لاءِ پيرول تي آزاد ڪري سگهي ٿو. جڏهن ته آخري اطلاعن تائين مسلم ليگ ( ن ) لاهور جي قيادت اڃان تائين اهڙي درخواست جمع نه ڪرائي هُئي.

بيگم ڪلثوم نواز جي تدفين ۾ سندس خاندان جي سمورن فردن جو هڪ هنڌ جمع ٿيڻ انتهائي مشڪل آهي ڇو جو سندس ٻه پٽ لنڊڻ ۾ مفرور آهن جڏهن ته سندس مڙس، ڌيءَ ۽ نياڻو جيل ۾ آهن، اهڙي صورتحال ۾ جيڪڏهن سندس تدفين لنڊن ۾ ٿئي يا پاڪستان ۾ سندس خاندان هڪ هنڌ گڏ ٿي نه ٿو سگهي.

بيگم ڪلثوم نواز جي مرتئي تي پاڪستان جي فوج، وزير اعظم، پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي قيادت اڪثر سياسي پارٽين جي اڳواڻن سميت ڪشمير جي اڳواڻن پڻ انتهائي ڏک جو اظهار ڪيو آهي، سمورن اڳواڻن کيس هڪ بهادر عورت قرار ڏيندي سندس سياسي خدمتن تي کيس خراج تحسين پيش ڪيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پوءِ سوال ته ٿيندو…!

شفيق الرحمان شاڪر اڄ کان اٽڪل 22 سال پهرين عمران خان هڪ سياسي پارٽي قائم …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے