21 جمعو , سيپٽمبر 2018

حڪمرانن کي ننڍن صوبن جو احترام ڪرڻ جي ضرورت

شبير  سوڍڙو

خيرن سان پي ٽي آءِ جون هر گهرجون وزيراعظم کان ويندي صدر تائين پوريون ٿي ويون، سئو ڏينهن وارو  سندن وزير وڙن کي مليل وزارتن اندر ادارن کي ٺيڪ ڪرڻ ۽ ڪارڪردگيءَ بابت”پلان“ جو  مدو به پورو ٿيڻ لاءِ ڊوڙندو پيو وڃي پر اڃا تائين ڪجهه ڏسڻ ۾ اچي ته نه رهيو آهي پر سندن جاکوڙ جاري آهي، عوام جون اکيون ميڊيا تي کتل آهن ته اسان لاءِ ڪهڙيون ٿيون کير جون ننديون وهن، طاقتور قوتن جو پاسو هينئر ڳرو نظر پيو اچي، پي ٽي آءِ کي هر شئي مهيا ڪري پليٽ ۾ رکي ڏني وئي آهي، ايترو ئي نه پر مينڊيٽ کان ويندي اقتدار جون اعليٰ ڌڙيون توري تڪي اڳيان رکيون ويون آهن، عوامي خدمتن جا نوان موقعا، نوان واعدا ”نوان پاڪستان“جا لقب ڏئي کين ايترو ئي نه پر ن ليگ جي پنجاب ۾ اڪثريتي حڪومت هوندي به کين ٻاهر رکيو ويو، بهرحال پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن جي پلان جي ڳالهه پئي هلي جنهن کي في الحال اڳتي وڌائي چاڙهي پيش ڪرڻ سئو ڏينهن کان اڳ اڳڪٿيون ڪرڻ سان ناڪاري اثر ظاهر ٿي پوندا ۽ عوام جي چڙ ڏيارڻ واري ڦوڪڻي ۾ ويتر هوا ڀرجي ويندي.

اسان هرو ڀرو وزيراعظم عمران خان خان تي ئي آڱر نه کڻنداسين پر انهي جي ٽيم به عوام جي چونڊيل آهي، اهو ئي سبب آهي جو کين عمران خان طرفان ڪارڪردگيءَ جي 100 ڏينهن  وارو پلان ڏنو ويو آهي، ڇو ته اسان کي اها به خبر آهي ته پنج پنج سال حڪمراني ڪندڙن عوام کي خوب آزاريو ۽ رلايو ئي نه پر پنڻ جهڙو ڪري ڇڏيو هو، پر عوام  ”ئين پاڪستان“ ۾ پير پائيندڙ پي ٽي آءِ  کي مينڊيٽ ڏئي کين عوامي خدمتن جو نئون موقعو ڏنو آهي، اها پي ٽي آءِ جي گذريل ويهن ٻاويهن سالن جي جدوجهد ئي آهي جنهن مان عوام اميدون پيو رکي ته سندس واعدا ضرور وفا ٿيندا، ايترو ئي نه پر جن طاقتن کين مينڊيٽ ڏئي ميدان تي لاٿو انهن به نوان شوشا ڇڏيا آهن، جيڪي عوام جي سامهون آهن، ڏسجي ته انهن تي ڪيترو ٿو عمل ٿئي ۽ ملڪي عوام ڪجهه راضي ته ڪجهه ناراض رهندڙن لاءِ ڪهڙو ٿو جواب سامهون اچي، ڇو ته عوام جي طاقت جو توازن هينئر انهن جي هٿن ۾ آهي…..؟

اڳ نعرا ٻڌندا هئاسين ته طاقت جو سرچشمو عوام آهي پر هينئر عوام ڀلجي به ان سرچشمي جي ويجهو نه وڃي، ڇو ته وقت، وقت ۾ فرق جي ڳولا ڪري ته هينئر ملڪي وهنوار کي هلائڻ وارا ئي ٻيا آهن، هرڪو ڏاهو سوچي سمجهي زبان جو استعمال ڪندو، اڳ واري زبان ڳالهائڻ نه عوام ۾ آهي نه ئي وري ڪو ڏاهو، تجزيي نگار، اينڪر يا ڪو ٻيو استعمال ڪرڻ جي قابل سمجهيو وڃي ٿو، اهو ئي سبب آهي جو تڙ تڪڙ ۽ اوچتو ملڪي انصاف ڏيندڙ ادارن کي ادارن کي اڏڻ ۽ فنڊ گڏ ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو ويو، ملڪ ۾ انصاف جون گهرجون پوريون ٿيندي ڏسڻ ۾ ته نه ٿيون اچن پر ٻيا رينگٽ سندن اڳيان پٺيان جاري آهن، ڪهڙي ملڪ ۾ انصاف ڏيندڙ ادارن کي نه پر چونڊيل نمائندن کي هلائڻ ۽ ٺهرائڻ گهربا ها هينئر عزت ماب چيف جسٽس صاحب کي اڳيان اڳيان رکيو ويو آهي ته، ٻي پوئتي سڀ ڀينگ ٿي وئي، سائين هاڻ اچو توهان پاڻيءَ جا  نوان ذخيرا گڏ ڪرڻ لاءِ ڊيمن وارو رينگٽ توهان شروع ڪيو، بيشڪ اسان کي ڊيمن جي اشهد ضرورت آهي پر اهي به ٺهندا اتي جتي جي عوام کي اعتراض هجن ته پوءِ ان جو ازالو ڪير ڪندو….

بهرحال ڳالهيون ته گهڻيون آهن پر اهي ڪنهن کي وڻنديون ڪو نه، ڇو ته هي پيارو پاڪستان ايتري ته ”پاڪائي“ ڏانهن وک وڌائڻ شروع ڪئي آهي جو سندس شان ۾ ڪجهه به چوڻ ڪنهن خطري کان خالي نه آهي، ڪيئن نه هر وهنوار کي پٺي ڏئي، نوان شوشا ڇڏيا ويا آهن، عوام جو ڌيان ۽ ذهن ڪيڏانهن ڦيرائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، نئين پاڪستان جي نعري جي شروعات ۾ ڪو به اهڙو ذڪر نه هو، پر اندر اندر ئي اقتدار ۾ آڻڻ ۽ نه آڻڻ جا معاهدا ڪيئن ٿيا، مينڊيٽ ڪيڏانهن جو ڪيڏانهن ويو، ڪا خبر ئي نه آهي، ملڪ جي هر سياسي پنڊٽ ڪرپشن جي ڪات کان بچڻ لاءِ ماٺ واري گوري کائي ويهڻ جو وچن ڪري جان آجي ۽ ملڪي ناڻو واپس ڪرڻ کان لاچاري ظاهر ڪري ويهي رهڻ کي اوليت ڏئي عوام کان ووٽ وٺي چپ کي بهتر سمجهيو.

هونئن ته روٽي، ڪپڙا ۽ مڪان سميت روزگار، صحت، تعليم ۽ ٻيون شيون عوام کي شل نصيب ۾ هجن پر ملڪ کي رهڻ گهرجي، عوام ڀلي پنڻ جهڙو هجي پر ادارا مضبوط هجن، اها به ابتي ڳڻپ هوندي، عوام کي سکيو رکيو ويندو ته ادارا به سکيا رهندا ۽ ملڪ به سکيو رهندو، عوام کان پاڻ کي پاسيرو رکيو ويو ته پوءِ ادارا ڪهڙو سڌي رستي تي هلندا، ڳالهه ڪنداسين سنڌ جي همراهن جي ته پويان پنج سال ته گذري ويا، ڪيئن گذريا ان مان اندازو اسان کي ٿر مان لڳي سگهجي ٿو ته سنڌ جي ادارن ۽ عوام ڪين ترقي ڪئي آهي، ٿر ۾ معصوم ٻارڙن سميت جانورن به اڃ ۽ بک ۾ پاهه ٿي موت ڏانهن وڌائڻ شروع ڪئي آهي ته پوءِ ملڪ ۽ سنڌ ترقي ڪندا يا نه…..؟ اسان نه ٿا ڀايون ته سنڌ جي همراهن کي ڪجهه سچ جا داڻا چوڻ سان سنڌ  سک جو ساهه ته نه کڻندي پر پوءِ به عوام کين وري مينڊيٽ ڏنو آهي، اها ڳالهه آهي ته پوين پنجن سالن کان ٿر ۾ موت جو راڪاس سندن پيڇو نه ٿو ڇڏي، اهو کين کي سوچڻ تي مجبور ضرور ڪندو هوندو پر ان مجبوري جو دوا درمل کين نظر ئي نه ٿو اچي، اسان کي سنڌ جي ڏک جي بدلي ۾ سک ڪڏهن ملندو، عوام ئي پڇي سگهي ٿو.

گذريل ڏينهن سالن کان ٿر ۾ انسانيت سميت جانورن جو به موت ٿيو پر ڪنهن به اداري فنڊ گڏ ڪري ٿر جي مدد نه ڪئي، ڇو ته اتي انسانيت ڪنهن کي به نظر نه آئي يا اهو به ٿي سگهي ٿو ته سنڌ جا ڪجهه علائقا ملڪي ليڪي جي حدن ۾ ڪنهن کي ڏسڻ ۾ نه ٿا اچن، جيڪڏهن اچن ٿا ته ڪنهن جون غير آباد زمينون آباد ڪرڻ لاءِ انهن جون ليڪيل زمينن کي آباد ڪرڻ لاءِ ڊيم اڏايا پيا وڃن، ٿر سميت سنڌ ۾  به پاڻي گڏ ٿي سگهيو پيو ته پوءِ اهي طاقتور ڌريون اربين رپين جا فنڊ ڏئي ڇا ٿيون ثابت ڪن، اهو ملڪي دائري ۾ رهي ننڍن صوبن جو عوام کين کان پڇڻ ۽ لڇڻ جو حق رکي سگهي ٿو يا  سندن اهو فيصلو اٽڪل هوندو ته ڊيم ٺاهڻا آهن ته ٺاهڻا آهن، ڀلي ڪجهه به ٿي پئي ته پوءِ ان مان ڪيئي رنجشون جنم وٺي سگهن ٿيون، جيڪڏهن ڪٿي ۽ ڪنهن صوبن کي اعتراض آهن ته انهن کان پڇڻ گهربو هو، جيڪڏهن طاقت استعمال ڪئي وئي ته ان جو ذميوار ڪير هوندو.

سنڌ جي حق حاڪميت هلائيندڙ همراهن جا اثر وارا انداز شايد ڪنهن ٻئي طرف هلڻ شروع ڪيا آهن يا ته انهن جي قيادت کي نيب ڏانهن ڌڪي ماٺ جو پيالو پياريو ويو آهي،  ڇو ته سندن طاقت جا اشارا ئي ڪافي آهن، ڪرپٽ ۽ ڪرپشن جو نالو ڏئي کين ماٺ ۽ مات ڏيارڻ مان اندازو لڳي سگهجي ٿو ته سنڌوءَ تي  ڊيم ٺاهيا ضرور ويندا، وفاق، ملڪي سلامتي کي ويجهو ڏسندڙ  سنڌ جا حڪمران ڊيمن بابت گڏ ڪيل فنڊن ۽ اڏجندڙ ڊيمن بابت  چپ جو سبب ڇا آهي اهو به سنڌ جو عوام اڄ نه ته سڀاڻي ضرور پڇندو. اسان اهو به نه تٿا چاهيون ته ملڪ ۾ پاڻيءَ جا ذخيرا نه ٺهن اهو عوام جي زندگي ۽ موت جو سوال ضرور آهي پر ٻين وسيلن سان مالا مال سنڌوءَ  تي طاقت جي تواز ن، زور بار سان نفرت جي آڙاهه ۾ اڇلائڻ جا نتيجا ڪهڙا نڪري سگهن ٿا اهو به ملڪي طاقتور ادارا سمجهي ۽ غور ڪري سگهن ٿا. ڇو ته اسان کي ملڪ سان گڏوگڏ صوبن جي سلامتي به ضروري سمجهڻ گهرجي، هينئر ضرورت ننڍن صوبن کي انصاف ڏيڻ ۾ ئي بهتري هوندي ۽ کين ڪنهن نئين تڪرار ڏانهن ڌڪڻ به ملڪي صحت تي بيماري جا اثر پوندا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڊيم جا متبادل

سنڌيڪار: انجنئير موهن ٺاڪر "پيٽرڪ مکولي، جيڪو برطانيا جي  بين الاقوامي درياهن جي هڪ نيٽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے