22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

ڪلثوم نواز جو لاڏاڻو، نواز شريف ۽ مريم نواز پيرول تي آزاد

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) بيگم ڪلثوم نواز جي لاڏاڻي بعد اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف، سندس نياڻي مريم نواز ۽ ناٺي ڪيپٽن ريٽائرڊ صفدر کي پيرول تي آزاد ٿيڻ جي نتيجي ۾ جاتي امرا پهچي ويا. ٽئي ڄڻا اڊيالا جيل مان پيرول تي آزاد ٿيڻ بعد نور خان ايئربيس کان خاص اُڏام ذريعي رات اڍائي وڳي لاهور پهتا. واضح رهي ته ڪلثوم نواز جو همسفر ۽ اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف، سندس نياڻي مريم نواز ۽ ناٺي ڪيپٽن (ر) محمد صفدر  ايون فيلڊ ريفرنس ۾ احتساب عدالت مان سزا يافته آهن ۽ 13 جولائي کان اڊيالا جيل ۾ قيد آهي. نواز شريف جي گهرواري بيگم ڪلثوم جي تدفين ۾ شرڪت لاءِ پنجاب حڪومت ٽنهي کي شروعاتي طور تي 12 ڪلاڪن لاءِ آزاد ڪيو آهي، جڏهن ته پنجاب ڪابينا طرفان سندن آزادي جي وقت ۾ واڌ ڪرڻ جو امڪان آهي. جڏهن ته شريف خاندان طرفان آخري رسمن تائين 5 ڏينهن لاءِ  پيرول تي آزادي جي درخواست ڏني وئي آهي. ياد رهي ته ڦڦڙن جي ڪينسر ۾ مبتلا بيگم ڪلثوم نواز ڊگهو عرصو بيمار رهڻ بعد گذريل ڏينهن لنڊن جي هارلي اسٽريٽ ڪلينڪ ۾ لاڏاڻو ڪري وئي هئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

شاهه محمود قريشي گڏيل قومن ۾ ڪشميرين جي حق لاءِ آواز اٿاري: مشعال ملڪ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حريت اڳواڻ ياسين ملڪ جي گهرواري مشعال ملڪ چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے