21 جمعو , سيپٽمبر 2018

شهباز شريف بيگم ڪلثوم نواز جو مڙهه ڏيهه آڻڻ لاءِ لنڊن روانو

PML-N's President Shahbaz Sharif Londonلاهور( ويب ڊيسڪ ) مسلم ليگ ن جو صدر ميان شهباز شريف لنڊن روانو، ميان شهباز شريف ڪلثوم نواز جو مڙهه ڏيهه کڻائي ايندو. شهباز شريف لنڊن وڃڻ لاءِ لاهور جي علامه اقبال انٽرنيشنل ايئرپورٽ پهتو جتي ساڻس گڏ پارٽي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جو وڏو انگ موجود هو. شهباز شريف لنڊن پهچڻ بعد سڀاڻي ظهر جي نماز کانپوءِ بيگم ڪلثوم نواز جي جنازي نماز ادا ڪئي ويندي جنهن بعد مڙهه کي تدفين لاءِ پاڪستان آندو ويندو. ٻئي پاسي پيرول تي جيل مان آزاد ٿيڻ بعد نواز شريف، مريم نواز ۽ ڪيپٽن ريٽائرڊ صفدر جاتي امرا ۾ موجود آهن جتي سندن مٽن مائيٽن ۽ ن ليگي اڳواڻن جي آمد جو سلسلو جاري آهي. اڳوڻو وزيراعظم، سندس نياڻي ۽ ناٺي کي پيرول تي آزادي ۾ پنجاب ڪابينا طرفان واڌ ڪرڻ جو امڪان آهي جڏهن ته شريف خاندان طرفان آخري رسمن تائين 5 ڏينهن لاءِ پيرول تي آزادي جي درخواست ڏني وئي آهي. ياد رهي ته ڦڦڙن جي ڪينسر ۾ مبتلا بيگم ڪلثوم نواز ڊگهو عرصو بيمار رهڻ بعد گذريل ڏينهن لنڊن جي هارلي اسٽريٽ ڪلينڪ ۾ لاڏاڻو ڪري وئي هئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عرب، ڏکڻ ايشيا ۽ يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ عاشوري جو ڏينهن مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عرب ۽ ڏکڻ ايشيائي ملڪن سميت يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن …