26 اربع , سيپٽمبر 2018

12 مئي سانحي جي نئين سر جاچ، ٽربيونل ۽ جي آءِ ٽي جو حڪم، نگران جج لاءِ سفارش

ڪراچي( رپورٽر) ) سنڌ هاءِ ڪورٽ 12 مئي سانحي جي جاچ لاءِ نئين سر سان جي آءِ ٽي جوڙن جو حڪم ڏيندي سنڌ سرڪار کي جاچ ٽربيونل به ٺاهڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي جيڪو هر 15ڏنيهن ۾ پنهنجي رپورٽ پيش ڪندو .جڏهن 12 مئي جي 65 اي ڪلاس ڪيسن کي کولڻ جو به حڪم ڏئي ڇڏيو آهي . جسٽس اقبال ڪلهوڙي ۽ جسٽس ڪي ڪي آغا تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ 12 مئي سانحي  بابت درخواست تي فيصلو ٻڌائيندي جاچ لاءِ جي آءِ ٽي بڻائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.  عدالتي فيصلي ۾ سنڌ سرڪار کان ٻن هفتن ۾ عملدرآمد پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي ته جڏهن ته عدالت اي ڪلاس تحت ختم ڪيل 65 ڪيس ٻيهر کولڻ جو به حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. عدالت چيف جسٽس سنڌ کي ڪيسن جي مانيٽرنگ لاءِ جج به مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪئي آهي. عدالت 12 مئي جي متاثرن کي معاوضي جي ادائيگي بابت رپورٽ به پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته ٽربيونل ان جي به جاچ ڪري ته  ڇا واقعو وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي ملي ڀگت هئي .عدالت پنهنجي رمارڪس ۾ وڌيڪ چيو ته ٽربيونل  قانون جي ادارن جي ناڪامي جو تعين ڪري ته  ڪنهن حڪم ڏنو ته راستن بند ڪري شهر جو امن خراب ڪيو وڃي .ٽربيونل ان ڳالهه جو به تعين ڪري ته پوليس  وڳوڙ ڪندڙن تي قابو نه ڪرڻ ۾ ناڪام ڇو رهي هئي ۽ چيف جسٽس پاڪستان جي ڪراچي اچڻ تي فول پروف سيڪيورٽي نه هئي .12 مئي تي اڳوڻي چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري جي آمد تي شهر کي رت سان وهنجاريو ويو. رتوڇاڻ ۾ وڪيلن سميت 50کان وڌيڪ  ماڻهن کي قتل ڪيو ويو.سنڌ هاءِ ڪورت ۾ اقبال ڪاظمي پاران نئين سر جاچ ڪرڻ ۽ لارچر بئنچ جوڙڻ  جي لاءِ درخواست داخل ڪئي هئي.0329

هي به ڏسي سگهو ٿا

مني لانڊرنگ ۾ وڌيڪ 334 ڄڻا ۽ 210 ڪمپنيون ملوث، انور مجيد جيل اماڻڻ جو حڪم

اسلام آباد (م ڊ) ڪوڙن بينڪ اڪائونٽن واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران گڏيل جاچ ڪميٽي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے