21 جمعو , سيپٽمبر 2018

مشرف جي آمريت کي للڪاريندڙ بيگم ڪلثوم نواز لاڏاڻوڪري وئي

PML-N chief and PML-N expressed his regret over the collapse of the Kalcum Nawaz attackاسلام آباد (م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي گهر واري بيگم ڪلثوم نواز شريف لنڊن ۾ لاڏاڻو ڪري وئي. بيگم ڪلثوم نواز ڪيتري ئي عرصي کان لنڊن جي هارلي اسٽريٽ ڪلينڪ ۾ علاج هيٺ رهي پر سندس صحت ۾ سڌارو نه اچي سگهيو.  بيگم ڪلثوم نواز شريف جي ڦڦڙن جو مسئلو سنگين ٿيڻ کانپوءِ کيس هڪ دفعو ٻيهر وينٽي ليٽر تي منتقل ڪيو ويو پر سندس ساهه جو سڳو ٽٽي پيو. نواز شريف جي پٽ حسن نواز پنهنجي امڙ جي لاڏاڻي جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. حسين نواز ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سندن امڙ بيگم ڪلثوم نواز لاڏاڻو ڪري وئي آهي. بيگم ڪلثوم نواز جو مڙس نواز شريف، نياڻي مريم نواز ۽ نياڻو ڪئپٽن رٽائرڊ صفدر اڊيالا جيل ۾ قيد آهن. ڪيترائي ڀيرا درخواستن باوجود نواز شريف، مريم نواز ۽ ڪئپٽن صفدر کي پرڏيهه وڃڻ جي اجازت نه ملي سگهي. بيگم ڪلثوم نواز هڪ سال 25 ڏينهن اسپتال ۾ علاج هيٺ رهي. مڙهه کي لنڊن جي مسجد جي سردخاني منتقل ڪيو ويو. اسپتال انتظاميا به موت جو سرٽيفڪيٽ جاري ڪري ڇڏيو. شهباز شريف اڄ لنڊن پهچندو. مڙهه جمعي تي ملڪ آڻي رائيونڊ جي جاتي امرا قبرستان ۾ دفنايو ويندو. هوڏانهن صدر عارف علوي، وزيراعظم عمران خان، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه، چيف جسٽس ثاقب نثار، پ پ سربراهه بلاول، اسد قيصر، سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي، چوڌري نثار، سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ سياسي سماجي ڌرين لاڏاڻي تي افسوس ظاهر ڪيو آهي. جڏهن ته ڀارتي پرڏيهي وزير سشما سوراج به ڏک جو اظهار ڪيو آهي. 0329

هي به ڏسي سگهو ٿا

عمران وري جوتاگردي جو شڪار، ذري تان بچاءُ، پادر عليم خان کي ٽڪاءُ

گجرات (م ڊ) تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان جي تقرير دوران عليم خان کي جوتو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے