26 اربع , سيپٽمبر 2018

شريف خاندان ڪيس منتقلي فيصلو هفتي ۾ ڏيڻ جو حڪم

The Islamabad High Court declared extortion of more districts in the last four monthsاسلام آباد ( م ڊ ) شريف خاندان خلاف نيب ريفرنسن  جي منتقلي جي معاملي تي چيف جسٽس ثاقب نثار  اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار کي هڪ هفتي ۾ تفصيلي جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي ڪيس جي ٻڌڻي 10 ڏينهن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي. شريف خاندان خلاف نيب ريفرنسن جي منتقلي ڪيس جي ٻڌڻي چيف جسٽس ثاقب نثار سپريم ڪورٽ ۾ ڪئي. ان موقعي تي نيب پراسيڪيوٽر موقف اختيار ڪيو ته اڃا اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو تفصيلي فيصلو نه آيو آهي. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته ڪيترن ڏينهن ۾ تفصيلي فيصلو اچي ويندو. چيف جسٽس ثاقب نثار حڪم ڏنو ته رجسٽرار اسلام آباد هاءِ ڪورٽ هڪ هفتي ۾ تفصيلي فيصلو جمع ڪرائي. عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 10 ڏينهن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيڪٽا جي جائزي لاءِ ڪميٽي قائم، انتهاپسندي خلاف ڊگهي ويڙهه ڪرڻي آهي: وزيراعظم

اسلام آباد   (م ڊ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نيشنل ڪائونٽر ٽيررازم اٿارٽي (نيڪٽا) …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے