19 اربع , سيپٽمبر 2018

ٿر ڪول جو گيسيفڪيشن منصوبو رولڙي جو شڪار، ڪم بند، 4 ارب ٻڏڻ جو خطرو

مٺي(رپورٽ:غازي بجير) اسلام ڪوٽ ڀرسان ڳوٺ ٻانڀڻيون ڀيل وٽ 2010ع ۾ بلاڪ پنج تي انڊر ڪول گئسيفڪيشن ذريعي بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ يو سي جي پاران ڪم شروع ڪيو ويو هو،شروعاتي مرحلي ۾ حڪومت پاران پروجيڪٽ کي 10 ارب روپيا بجيٽ جاري ڪرڻي هئي،پر مختلف وقتن تي بجيٽ ليٽ سان ملندي رهي جنهن سبب پروجيڪٽ رولڙي جو شڪار ٿيندو رهيو،پر تازو 2016ع کان 2018ع تائين بجيٽ کي وفاقي توڙي صوبائي حڪومت بند ڪري ڇڏيو آهي،جنهن سبب هن وقت ميگاپروجيڪٽ جيڪو هڪ سال کان مڪمل طور تي بند پيل آهي،چار ارب روپيا پروجيڪٽ تي خرچ ٿي چڪا آهن ۽ ڪمپني پاران شروعاتي مرحلي ۾ 8 ميگاواٽ بجلي تجرباتي طور پيدا ڪري ڏيکارڻ جي دعوئ به ڪندي رهي آهي،پر وفاقي توڙي سنڌ حڪومت هن پروجيڪٽ تي ڪوبه ڌيان ناهي ڏنو ۽ نه وري پروجيڪٽ کي اڳتي هلائڻ لاءِ ڪا بجيٽ رکي ويئي آهي،جنهن سبب اربين روپين جو پروجيڪٽ مڪمل بند ٿيڻ بعد چار ارب ٻڏي رهيا آهن.چار سئو ملازمن جون پگهارون ٽن مهينن کان بند آهن. يوسي جي پروجيڪٽ جي ملازمن پگهارون نه ملڻ ۽ پڪو نه ڪرڻ خلاف احتجاجي تحريڪ شروع ڪري ڇڏي،ڪالھه ٿرڪول بلاڪ پنج واري سائيٽ تي ملازمن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي سخت نعريبازي ڪئي، ملازمن ڊاڪٽر ماڻڪ هيراڻي، ڪيلاش ڀڳواني،احمد علي خاصخيلي،محمد اسماعيل بوهر،اعجاز احمد، محمد رحيم بجير، عيدل نهڙي ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪري پگهارون ڏيئي پڪا ڪريو جا نعرا هنيا، ان موقعي تي ملازمن چيو ته اسان کي ٽن مهينن کان پگهارون نه مليون آهن جنهن سبب پروجيڪٽ رولڙي جو شڪار بڻجي ويو آهي ۽ اسان جا خاندان فاقاڪشي ۽ بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن، بلاڪ پنج تي اربين روپين جون بهترين ماڊل ڪمرن تي مشتمل عمارتون به ٺاهيون ويون،جتي ڪمپني جا آفيسر رهائش ڪن  ٿا،جيڪي ويران بڻجي ويون آهن،يو سي جي انتظاميا پروجيڪٽ بند ٿيڻ بعد کسڪي ويئي،صرف ڪجهھ ملازم موجود آهن،باقي جيڪي مقامي ملازم آهن اهي ڪم ڪن ٿا. 1129

18 هين ترميم بعد سنڌ حوالي ٿيل منصوبو حڪومت لاوارث ڇڏي ڏنو

مٺي: شروعاتي طور تي ٿر ۾ ڪوئلي واري ڪم جو افتتاح بلاڪ پنج تي ڪيو ويو،پ پ حڪومت جي پهرين حڪومت ۾ هن پروجيڪٽ جو ڪم شروع ڪيو ويو،ان وقت جي وڏي وزير سيد قائم علي شاھ ڪافي ڀيرا دورا به ڪيا،ان وقت جي پ پ جي وزيراعظم راجا پرويز اشرف به هن پروجيڪٽ جو دورو ڪيو هو بعد ۾ 18هين ترميم بعد پروجيڪٽ صوبي سنڌ حوالي ٿيو،سنڌ حڪومت هن پروجيڪٽ کي لاوارث ڇڏي ڏنو آهي.1129

هي به ڏسي سگهو ٿا

9 مهينن لاءِ سنڌ جي ساڍن 8 کربن جي بجيٽ، ترقياتي پروگرام ۾ ڪٽوتي، 20 ارب خسارو

ڪراچي(رپورٽ: محمد علي نقرچ): سنڌ سرڪار مالي سال 19/2018 جي 9 مهينن جي 852 ارب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے