22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

ڊيم فنڊ کي پنڻ چوندڙ شرم ڪن، اهي ماڻهو ڪم ظرف آهن: چيف جسٽس

Chief Justice inaugurated Greater Karachi Sialaj Plan S Thari Project in Hyderabadاسلام آباد ( م ڊ ) سپريم ڪورٽ نيب کي ايل اين جي ٺاهه جي انڪوائري جلد مڪمل ڪري تفصيلي رپورٽ بند لفافي ۾ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي،  چيف جسٽس ثاقب نثار چيو آهي ته ڊيم جي اڏاوت تي خيرات وٺڻ جون ڳالهيون ڪندڙن کي شرم اچڻ گهرجي. سپريم ڪورٽ ۾ متفرق ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ثاقب نثار ڊيم جي اڏاوت بابت رمارڪس ڏيندي چندا مهم تي تنقيد ڪندڙن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته جيڪي ماڻهو چئي رهيا آهن ته خيرات وٺي رهيا آهن تن کي شرم اچڻ گهرجي،هن چيو ته  مخالفن کي ڪجهه نه مليو ته ڊيم جي اڏاوت تي مخالفت شروع ڪري ڇڏي آهي، ڪم ظرف ماڻهو اهڙي قسم جي سوچ رکن ٿا. سندس چوڻ هو ته اسان اهو ڪم قومي جذبي تحت شروع ڪيو آهي، پنهنجي مدد پاڻ تحت ڪم ڪرڻ خيرات وٺڻ ناهي. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته نيب کي پنهنجو گهر سڌارڻو پوندو، جاچ ڪندي تذليل ڪرڻ جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي، ڪلاڪن جا ڪلاڪ ماڻهن کي گهرائي ويهاريو ويندو آهي، نيب جي رويي تي ڪالهه هڪ وڪيل جو پٽ مون کي پيرين  پئجي ويو. ٻئي طرف سپريم ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي حڪومتي دور ۾ قطر سان ايل اين جي جي خريداري بابت ٺاهه جا تفصيل فوري طور طلب ڪري ورتا. چيف جسٽس ميان ثاقب نثار ايل اين جي ٺاهه خلاف شهري جي داخل ڪيل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.  درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته مهانگي ايل اين جي گهرائڻ جو ٺاهه ڪيو ويو آهي جنهن سان ملڪ کي اربين ڊالر جو نقصان ٿي رهيو آهي.  چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته ڇا نيب جو ڪو نمائندو عدالت ۾ موجود آهي، جنهن ۾ عدالت کي نه جي صورت ۾ جواب مليو، چيف جسٽس چيو ته نيب جو ڪو نمائندو هتي موجود هئڻ گهرجي. عدالت ڪيس جي انڪوائري جا تفصيل طلب ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي. چيف جسٽس نجي ٽي وي پروگرام تي اڪثر ٽيڪس ڪيس ۾ هيٺين عدليه مان اسٽي آرڊر ملڻ جو نوٽيس ورتو آهي. چيف جسٽس چيو ته 92 نيوز تي رئوف ڪلاسرا ۽ عامر متين ڳالهيون ڪيون، هو عدالت اچي ٻڌاين ته هنن ڪهڙن ڪيسن جي ڳالهه ڪئي، شام جو ٽي وي تي ويهي پنهنجي عدالت نه لڳايو. هنن وٽ ڪا پڪي معلومات آهي ته عدالت کي ٻڌائين عدالتن کي بدنام نه ڪن. عدالت 20 ڪيسن ۾ اسٽي آرڊرن جا تفصيل طلب ڪري ورتا.1130

هي به ڏسي سگهو ٿا

عمران وري جوتاگردي جو شڪار، ذري تان بچاءُ، پادر عليم خان کي ٽڪاءُ

گجرات (م ڊ) تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان جي تقرير دوران عليم خان کي جوتو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے