23 آچر , سيپٽمبر 2018

نيوز: ٺڪراٺو: 70 ورهين جو پيرسن به مدي خارج رسم ڪارنهن جو شڪار

Thakrathu: 70 years old man has been killed over honor*ٺڪراٺو ويجهو 70 ورهين جي پيرسن تي ڪارنهن جو الزام هڻي کيس تشدد جو نشانو بڻايو ويو آهي .

ڳوٺ ملوڪ مھر جي ستر سالا پيرسن مانجھي مھر مٿان سندس مائٽن مبينا ڪارنھن تھمت مڙھي سندس گھر تي حملو ڪيو ۽ گھرڀاتين کي سخت تشدد جو نشانو بڻايو.

پيرسن مانجھي مھر ميڊيا  کي ٻڌايو ته علي بخش مھر، ھادي بخش مھر، سرور، پيراڻو ۽ ٻين ڪارنھن تھمت مڙھي گھر تي حملو ڪيو .

پيرسن ٻڌايو ته جوابدار چوپايو مال ڪاھي گھروسامان جي ڦرلٽ ڪري موتمار ڌمڪيون ڏيندا فرار ٿي ويا.

ھن چيو ته اھڙي اين سي داخل ڪرائڻ لاءِ مبارڪپور ٿاڻي تي ويس ته پوليس ڌڪا ڏئي واپس ڪري ڇڏيو ۽ اسان جو ھڪ ڄڻو پڻ جوابدارن کان رشوت وٺي لاڪ اپ ڪري ڇڏيو آھي.

ھن آءِ جي سنڌ ۽ ايس ايس پي سکر کان گھر ڪندي مطالبو ڪيو ته ظلم ڪندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي……………

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | مٺي:پ پ پاران ڪالاباغ ڊيم ۽ ڌارين کي سڃاڻپ ڏيڻ خلاف ريلي ڪڍي وئي

ايم اين اي ڊاڪٽر مهيش ڪمار ملاڻي ۽ ايم پي اي فقير شير محمد بلالاڻي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے