19 اربع , سيپٽمبر 2018

افغان صوبي ننگرهار ۾ آپگهاتي حملو، 32 ڄڻا مارجي ويا

ڪابل (ويب ڊيسڪ) افغان صوبي ننگرهار ۾ آپگهاتي حملي جي نتيجي ۾ 32 ڄڻا مارجي ويا آهن. مقامي اختيارين چيو آهي ته حملي ۾ وڏي انگ ۾ ماڻهو زخمي به ٿيا آهن. ٻڌايو ويو آهي ته آپگهاتي بمبار ننگرهار ۾ هڪ هاءِ وي تي احتجاج ڪندڙن کي نشانو بڻايو، اتي ماڻهو مقامي پوليس سربراهه جي مقرري خلاف احتجاج ڪري رهيا هئا. ان کان اڳ جلال آباد ۾ ڇوڪرين جي هڪ اسڪول سامهون ٻٽي بم ڌماڪي ۾ هڪ نوجوان مارجي ويو هو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ننڍي چونڊ ۾ سمنڊ پار پاڪستانين لاءِ آءِ ووٽنگ جي سهولت واري معاملي تي الڪيشن ڪميشن تفصيل جاري ڪري ڇڏيا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) قومي اسمبلي جي 11۽ صوبائي اسمبلي جي 25 تڪن ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے