24 سومر , سيپٽمبر 2018

ڀارت ۾ زائرين جي بس حادثي جو شڪار، 43 فوت

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارت جي ڏاکڻي حصي ۾ هندو زائرين کي کڻي ويندڙ هڪ بس کاهيءَ ۾ ڪرڻ جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 43 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن. اختيارين جو چوڻ آهي ته تلنگانا رياست ۾ اها بس هندو زائرين کي هڪ مندر کان واپس کڻي وڃي رهي هئي ته حادثي جو شڪار ٿي وئي. ڀارتي ميڊيا اکين ڏٺن شاهدن جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته ڊرائيور تيز رفتاري جو مظاهرو ڪري رهيو هو، جنهن جي نتيجي ۾ بس تي ضابطو وڃائي ويٺو. واضح رهي ته ڀارت ۾ روڊ حادثن سبب هر سال ڏيڍ لک کان وڌيڪ زائرين فوت ٿي ويندا آهن.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

جنگ مڙهي وئي ته منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين: مولا بخش چانڊيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ مولا بخش چانڊيي چيو آهي ته مودي ۽ ڀارتي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے