19 اربع , سيپٽمبر 2018

نواز شريف کي 12 ڪلاڪن لاءِ عارضي آزادي ملي سگهي ٿي: فواد چوڌري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي گهرواري جي تدفين جي سلسلي ۾ کيس قانون موجب 12 ڪلاڪن لاءِ عارضي آزادي ملي سگهي ٿي. لنڊن ۾ بيگم ڪلثوم نواز جي لاڏاڻي کانپوءِ نواز شريف جي پيرول تي آزادي جي معاملي تي بحث کانپوءِ سڌ سماءَ واري وزير بيان جاري ڪيو آهي ته قانون موجب نواز شريف کي جيڪا سهولت ڏئي سگهجي ٿي، اها ضرور ڏني ويندي. فواد چوڌري چيو ته ڪلثوم نواز جي لاڏاڻي واري خبر پوڻ وقت وزيراعظم لوڪل گورنمينٽ بابت اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو، اجلاس ۾ عمران خان ۽ ٻين بيگم ڪلثوم نواز جي لاڏاڻي تي گهري ڏُک جو اظهار ڪيو، هوءَ بهادر عورت هئي. سندس چوڻ هو ته قانون جي دائري ۾ رهي جيڪا به سهولت هوندي، اها نواز شريف کي ڏني ويندي، هو پيرول تي آزاد ٿئي ٿو ته حڪومت کي ڪو اعتراض نه هوندو. فواد چوڌري واضح ڪيو ته نواز شريف طرفان درخواست تي قانوني ڪارروائي ٿيندي، جيڪڏهن کيس پيرول تي آزادي ملي ته قانوني طريقي ڪار تي عمل ڪيو ويندو پر پيرول تي آزادي موجب جيل جو عملو گڏ هوندو آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

Asia Cup: Today, the event between India and India will be the biggest challenge

ايشيا ڪپ: اڄ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ايونٽ جو سڀ کان وڏو دنگل ٿيندو

دبئي ( اسپورٽس نيوز ) چوڏهين ايشيا ڪپ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو سڀ کان وڏو مقابلو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے