20 خميس , سيپٽمبر 2018

ڀارتي فوج جي فائرنگ ۾ شهري جي شهادت، پاڪستان جو سخت احتجاج

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان لائن آف ڪنٽرول تي ڀارتي فائرنگ جي نتيجي ۾ شهري جي شهادت تي ڀارتي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر کي طلب ڪري سخت احتجاج ڪيو آهي. گذريل ڏينهن خنجر سيڪٽر تي ڀارتي فوج بنا سبب فائرنگ ۽ گولا باري ڪئي، جنهن ۾ 52 ورهين جو گفتار حسين شهيد ٿيو هو. پاڪستان سيز فائر معاهدي جي ڀڃڪڙي ۽ شهري جي شهادت تي ڀارت سان سخت احتجاج ڪيو آهي. پاڪستان ۾ مقرر ڀارت جي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر جي پي سنگهه کي پرڏيهي آفيس گهرائي سخت احتجاج ڪيو ويو. ذريعن موجب پرڏيهي آفيس ۾ ڊاڪٽر فيصل احتجاجي خط جي پي سنگهه حوالي ڪيو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

اهو تاثر درست ناهي ته ججن دٻاءَ ۾ فيصلو ٻڌايو: اعتزاز احسن

لاهور (ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي سينيئر قانونداد اعتزاز احسن چيو آهي اهو تاثر نٿو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے