19 اربع , سيپٽمبر 2018

سنڌ حڪومت جو پرائيويٽ اسڪولن کي 5 سيڪڙو کان وڌيڪ وصول ڪيل فيس واپس ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي تعليم کاتي پرائيويٽ اسڪولن کي 5 سيڪڙو کان وڌيڪ وصول ڪيل فيس واپس ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو آهي. تعليم کاتي اسڪولن کي عدالتي حڪم تي عمل جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن ۽ ان حوالي سان جاري سرڪلر ۾ چيو ويو آهي ته پرائيويٽ اسڪول 5 سيڪڙو کان وڌيڪ وصول ڪيل فيس واپس ڪن. سرڪلر موجب تعليم کاتي جي آخري منظور فيس شيڊيول ۾ 5 سيڪڙو کان وڌيڪ اضافو نٿو ٿي سگهي، تنهن ڪري واڌو فيس واپس ڪئي وڃي. هوڏانهن سنڌ پرائيويٽ اسڪولز جي ڊائريڪٽر جنرل منسوب صديقي چيو آهي ته عدالتي حڪم سمورن خانگي اسڪولن ۽ انهن جي شاگردن تي لاڳو هوندو ۽ عمل نه ڪندڙ اسڪولن جي رجسٽريشن معطل ڪئي ويندي. واضح رهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ خانگي اسڪولن طرفان فيسن ۾ 5 سيڪڙو کان وڌيڪ اضافي کي غير قانوني قرار ڏنو هو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

اهو تاثر درست ناهي ته ججن دٻاءَ ۾ فيصلو ٻڌايو: اعتزاز احسن

لاهور (ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي سينيئر قانونداد اعتزاز احسن چيو آهي اهو تاثر نٿو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے