26 اربع , سيپٽمبر 2018

بيگم ڪلثوم نواز جي زندگي تي هڪ نظر

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي گهرواري ۽ ٽه ڀيرا پاڪستان جي خاتون اول جو اعزاز حاصل ڪندڙ بيگم ڪلثوم نواز 1950 ۾ جنم ورتو، سندس واسطو ڪشميري خاندان سان هو ۽ هوءَ گاما پهلوان جي پوٽي هئي. هن شروعاتي تعليم البنات مدرسي مان حاصل ڪئي جنهن بعد گريفن اسڪول مان ميٽرڪ ڪيائين، اسلاميه ڪاليج مان ايف ايس سي ڪرڻ بعد بي ايس سي،  ايف سي ڪاليج لاهور ۾ ڪئي. بيگم ڪلثوم نواز بي اي پنجاب يونيورسٽي مان ڪئي ۽ تعليم دوران اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف سان سندس مڱڻي ٿي. بيگم ڪلثوم نواز جي ڀاءُ عبدالطيف جي شادي پڻ شريف خاندان مان ٿي ۽ اها ئي مٽي مائيٽي اڳتي هلي اپريل 1971 ۾ نواز شريف ۽ سندس شادي جو سبب بڻي. ڪلثوم نواز کي عملي سياست سان ڪا به دلچسپي نه هئي . ڊڪٽيٽر جنرل پرويز مشرف جي مارشل  لا بعد جڏهن نواز شريف کي جيل وڃڻو پيو، تڏهن سندس آزادي لاءِ مهم هلائي وئي تڏهن ان ۾ ڪلثوم نواز سياسي ميدان حصو ورتو. 22 جون 2000 ۾ کيس مسلم ليگ جو وقتي صدر بڻايو ويو ۽ هوءَ ٻن ورهين تائين پارٽي جي صدارت ڪندي رهي. نواز شريف جي گرفتاري خلاف هن ڪاروان تحفظ پاڪستان ريلي ڪڍڻ جو فيصلو ڪيو، جنهن جي بنياد کيس 8 جولائي 2000 تي نظربند ڪيو ويو. بيگم ڪلثوم نواز ڪجهه ليگي ڪارڪنن سان گڏ انڊر پاس ذريعي جيل روڊ پهتي جتان پوليس سندس گاڏي کي ڪرين ذريعي جي او آر کڻي وئي ۽ اتان کيس گرفتار ڪيو ويو. مسلم ليگ نواز شريف جي نااهلي بعد بيگم ڪلثوم جي خالي سيٽ اين اي 120 تي ننڍي چونڊ وڙهڻ جو فيصلو ڪيو. پر چونڊن کان اڳ ئي کيس جون 2017 ۾ بيماري سبب لنڊن منتقل ڪيو ويو  ۽ هن جي چونڊ مهم سندس نياڻي مريم نواز هلائي ۽ هن ڪاميابي پڻ ماڻي.  ڪلثوم نواز کي گذريل ڏينهن ٽيون ڀيرو طبعيت خراب ٿيڻ تي اسپتال منتقل ڪيو ويو هو پر علاج دوران سندس ساهه جو سڳو ٽٽي پيو ۽ هوءَ مالڪ حقيقي سان وڃي ملي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڀارت جي اتر رياستن ۾ تيز مينهن تباهي ڪري ڇڏي، 25 ڄڻا فوت

نئين دهلي(ويب ڊيسڪ) ڀارت جي اتر رياستن ۾ تيز مينهن تباهي مچائي ڇڏي جنهن جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے